آکاٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آکاٽي
عرفيت هارين جو پرٻ
رسمون ڇيريون پائي، پاڻ سان ننڍا هر ٻڌي، اٺن وانگر کيڙي ڪرڻ
شروعات ويساک مهيني جي ٽين تاريخ
ختم ويساک مهيني جي ڇهين تاريخ
دورانيو 3 ڏينهن
تقرر ساليانو

آکاٽي لفظ جو لغوي مفهوم آهي: ”اکن/ داڻن وجھڻ جا ٽي ڏينهن“. هي -ٿري- ماڻهن جو موسمي ڏڻُ (تهوار) آهي، جيڪو هندي ويساک مهيني جي -ٽين- -تاريخ- تي هند ۽ سنڌ جا هندو هاري وڏي اهتمام سان ملهائيندا آهن. هن تهوار کي ’هارين جو پرٻ‘ به چيو ويندو آهي. جڏهن ويساک جي مهيني ۾ -بادل- وسڻ جا ويس ڪندا آهن ته -ٻار- صبح جو -اسر- ويل گهران نڪري خوشيءَ ۾ ڇيريون -پائي-، پاڻ سان ننڍا هر -ٻڌي-، اٺن وانگر کيڙي ڪندا آهن، اهي شام تائين ائين زمين کي کيڙيندا رهندا آهن. ڏينهن جي ماني وغيره به ميدان ۾ گڏجي کائيندا آهن. ڳُڙ مان ٺهيل ڳُڙداڻي هن تهوار جو خاص طعام ليکيو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي ڳوٺ جا سڀ مرد هڪ هنڌ گڏ ٿي، -ٿر- ۾ -آباد- ٿيندڙ جنسون گڏ ڪري، دائري جي صورت ۾ ويهندا آهن. هو تيستائين ويٺا هوندا آهن، جيستائين ڪو ماڪوڙو اچي ڪنهن جنس جي داڻي کي کڻي وڃي. پوءِ -ان- عقيدي هيٺ -ان- سال اها ئي جنس وڌيڪ ڪندا آهن. ٻئي ڏينهن وري ڪي جهونا -ان- جون اڪثر جنسون کڻي، -ان- جا داڻا ڳڻين، پوءِ جنهن جنس جا ڪڻا (داڻا) اِڪيءَ ۾ ٿين، -ان- پوک لاءِ سٺي اميد رکن. اهڙيءَ طرح آخري ڏينهن تي وري ننڍا وڏا، -ٻانڀڻ- يا -پٽيل- وٽ مِڙي، چار مٽيءَ جا ٿانوَ (ڪُنڙيون) ٺاهي انهن ۾ -پاڻي- وجھي، نالا رکندا. -آکاڙ-، سانوڻ، -بڊو- ۽ اَسو. پوءِ جيڪا ڪنڙي اڳ ۾ وهي هلندي ته سمجھندا ته -ان- نالي واري مهيني ۾ گهڻي -برسات- پوندي. -ٿر- جا سوڳني (سنئوڻ جاچڻ وارا) ماڻهو هن ڏڻ تي جهنگ ۾ وڃي سنوڻ ٻولائيندا آهن، ائين انهن کي سُڪار يا ڏُڪار بابت سال جي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي. -ٿر- جا مسلمان به هندن جي هن خوشيءَ ۾ برابر جا ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن. -آکاٽي- جي عيد، جيڪڏهن پيرن يا سڱرن جي مند ۾ ايندي، ته هو هڪٻئي کي وٽَ (سوکڙي) ڏيڻ وٺڻ کي به سٺو سنوڻ سمجھن.[1]