آڏاڻو ڪَلَ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي هڪ هٿرادو ڪاٺ جي ٺاهيل ڪل آهي، جنهن کي تقريبن 3 فوٽ کڏ ۾ لڳايو ويندو آهي ۽ پوءِ ماهر ڪاريگر ان تي اُڻاوت (ڪپڙي ٺاهڻ) جو ڪم ڪندا آهن، هن جو استعمال گھڻو ڪري ختم ٿي چڪو آهي پر اڃان به ڪي ڪم آڏاڻي تي ٿيندا آهن، جن ۾ لويون، کٿا، لونگيون وغيره شامل آهن. هن وقت آڏاڻي جي جاءِ تي مشينون ڪپڙو ٺاهي رهيون آهن. ڪو وقت هو جڏهن صرف هالا شهر ۾ 300 کان وڌيڪ آڏاڻا هئا.