آڊيو رڪارڊنگ جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اها 1857ع جي ڳالھ آهي جڏهن Édouard-Léon Scott آواز جي لهرن کي رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هڪ سلينڊر نما Phonautograph مشين ايجاد ڪئي، جنهن تي آواز کي رڪارڊ ته ڪري سگهيو پئي پر ان کي واپس ٻڌي نه پئي سگهيو. 1877ع Thomas Alva Edison پهرين باقاعده آواز رڪارڊ ڪرڻ جي مشين ايجاد ڪئي. جنهن کي Vax Phonograph Cylinderسڏيو ويندو هو. ان سيلينڊر رڪارڊ کان پوءِ پهريون ڀيرو 1888ع ۾ هڪ جرمن Emilie Berliner جيڪو آمريڪا ۾ رهندو هو ان پهرين flat Disc ايجاد ڪئي جيڪا 5” Diameter سائز جي هئي ۽ رٻڙ مان تيار ڪئي وئي هئي ان Disc کي E Berliner Records چئبو هو. 1898ع ۾ Gramophone and Typewriter Co (G&T) جو لنڊن ۾ بنياد پيو جيڪا William Barry رجسٽرڊ ڪرائي. 1898ع لنڊن ۾ پهرين انڊين آرٽسٽن ڊاڪٽر هرنامداس ۽ مسٽر احمد جي رڪارڊنگ ڪئي وئي جيڪا رامائڻ ۽ قرآني آيتن تي مشتمل هئي. ساڳئي سال انگلينڊ جي مشهور آرٽسٽ Francis Jams Barraud جي مشهور پئنٽنگ جنهن ۾ ڪتو گرامون فون ٻڌندي ڌيکاريو ويو آهي. His Master’s Voice اها تصوير خريد ڪري جنوري 1900ع ۾ رڪارڊ تي بطور Record Supplement استعمال ڪئي.

ننڍي کنڊ ۾ رڪارڊنگ جي شروعات 1902 ۾ انڊيا جي شهر ڪلڪتي ۾ ڪئي وئي، ڪلڪتي ۾ پهرين رڪارڊنگ انڊيا جي مشهور فنڪارائن گوهر جان ۽ جانڪي ٻائي الهه آباد واريءَ جي ٿي. HMV (Gramophone Company of India Ltd) تمام گهڻو ڪم ڪيو پر گڏوگڏ 1910ع تائين ٻين به ڪيترين ئي گراموفون ڪمپنين جو بنياد پئجي چڪو هو جن ۾ گرامو فون ڪنسرٽ رڪارڊ، گرامو فون مينارچ رڪارڊ، بيڪا، بيڪا گرانڊ رڪارڊ، زونو فون، نيڪول، اوڊيئن، رائل، رامائو فون، راماگراف، جيمس اوپيرا ڊسڪ رڪارڊ، سنگر، سن ڊسڪ رڪارڊ، ڪاملا، بيناپاني، سنچ، ايڇ بوس اينڊ پاٿ، دي ٽوئن، ايڇ ايم وي، ڪولمبيا، جائنوفون، بورڊڪاسٽ، جئي ڀارت، ينگ انڊيا، ائروفون، بندي ماترم، ڀارت، ڊائمنڊ، دلربا، ايڪسيلائر، ميگافون، فلموفون، هندستان، سيلونا، ميڪسيٽون، پارلوفون، وڪٽوريافون، ڪڊڪورٽ، ڪنگ، لموفون، ڪوهه نور، هٽچنس، موويٽون، نيو ٿيٽرس، پرڀات رڪارڊس، نشان، نظام، نور اسلام، پايونيئر، فونيڪس، مارواڙي، ريگل، راميشور، سينولا، سنگيت، سرسوتي سائنٽون، شهنشاهي، سرڀارتي، سورگانا، تاج، تانسين ۽ اي ايم آءِ وغيره.

رڪارڊنگ جو اهو سلسلو تيزيءَ سان وڌندو ويو ۽ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين جهڙوڪ هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، گُرمکي، مراٺي، مارواڙي، نيپالي، ڀوجپوري، سنڌي، تيلگو، تامل، مليالم ۽ سنسڪرت ۾ رڪارڊنگ ڪئي وئي. هنن سڀني ٻولين ۾1902ع کان 1950ع تائين 27500 رڪارڊ رڪارڊ ٿيا.

گڏوگڏ انڊيا جي فلمن جو ميوزڪ پڻ رڪارڊ ڪيو ويو گذريل 100 سالن ۾ انڊيا ۾ 35000 فلمون ٺهي چڪيون آهن، هندي ۽علائقائي فلمن ۾ ايوريج 8 کان 10 گيت هڪ فلم ۾ رڪارڊ ڪيل آهن جنهن مطابق 350،000/320،000 فلمي گانا رڪارڊ ٿيا، انهن مان 100،000 فلمي گانا هندي ۽ باقي علائقائي ٻولين ۾ رڪارڊ ٿيا ۽ 200،000 غير فلمي (گانا) ميوزڪ رڪارڊ ٿيو.


رڪارڊ ٿيل گراموفون رڪارڊن جو وچورَ

Gramophone Company, England & Calcutta. [1899-08] / 7, 10, 12" single/double side shellac records 5000 Nicole Records, England. [1905-09] cardboard single/double side records 1000 Beka Records, Germany [1908-10] 1500 Pathe, H Bose/Pathe Records. France & Calcutta [1908-14] Shellac [10-12"] / cylinders center start - 100 rpm records 1000 Odeon Records, Germany [1906-37] 10-12" North/South indian music 3000 Zonophone Records, England, India [1910-20] / 10" low priced records 1000 Singer, James Opera, Sun Disc records [1907-10] Bombay based records 1000 Ramaphone / Ramagraph records [1905-30]. Bombay based German company 1000 Broadcast / Jay Bharat records [1930-40] British company with business at Bombay and Madras / 8, 10, 12" records 1000 Hindustan / Megaphone, Senola records Calcutta based company [1930-] 5000 Young India, Bombay. [1940-50] films, educational, various subjects 2000 The Gramophone Company of India Ltd Calcutta, Bombay, Madras.[1908-] HMV, Columbia, Twin, Odeon etc. 500,000 Total 5,21,500

هند ۽ سنڌ جي فنڪارن جا رڪارڊ ٿيل گراموفون رڪارڊ

جيئن ته 1932ع تائين بمبئي سنڌ جو حصو هئي، تنهن ڪري سنڌ جو گهڻو تڻو لاڙو بمبئي ڏانهن هوندو هو، تعليم کان وٺي دنيا جو هر ڪار وهنوار بمبئي سان ئي لاڳاپيل رهيو. شروعاتي دور ۾ رڪارڊ ڀرائڻ جو اهو سلسلو به بمبئي کان ئي شروع ٿيو ان کان پوءِ لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رڪارڊنگ اسٽوڊيوز جو بنياد پيو۽ سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن جي رڪارڊنگ ٿيڻ شروع ٿي وئي. مسلسل رڪارڊنگ جو اهو سلسلو جاري رهيو. سنڌ ۽ هند جا تمام گهڻا لوڪ ۽ ڪلاسيڪل فنڪار جن ۾ ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، خان صاحب استاد بيبو خان، استاد مراد علي خان، بڙي غلام علي خان، استاد عاشق علي خان، الهڏنو نوناري، استاد خير محمد خان، مائي الهه رکي، مولي ٻائي، سشيلا مهتاڻي، بالي، ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت جاڙارام، ڀڳت موٽڻ، آغا فيض، پنالال، يوسف ماڇي، مٺو ڪلهوڙو، منور علي شاه ۽ استاد اميد علي خان گوپ ڪملاڻي، شريمتي وشني لعل، رام ڪملاڻي، سي.ايڇ آتما، بلوسي. راڻي، گلشن صوفي، پروفيسر رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، سترام روهڙا، ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، ڪلان هزاري، آشا هرگناڻي، ميران ديوي، لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي، مهيندر ڪپور، طلعت محمود، مڪيش، ڪرشنا ڪلي، اشا منگيشڪر، ششما سريشٺ، سلڪشڻا پنڊت، سريش واڊيڪر، سرلا سامتاڻي، ساوتري گدواڻي، آسن ميراڻي، سروج رامچنداڻي، مايا ايسراڻي، نرملا ساپرو، آشا هرگناڻي، اشوجاگيردار، مهيش چندر،ڀڳونتي ناواڻي، لتا ڀڳتياڻي، راجو لالواڻي، وجيتا پنڊت، ڪويتا ڪرشنا مورتي، ڄيٺا لال، رامناڻي، شووراماڻي، ونيه مانڊڻي، چيتن، رميش راجپال، ليلو جهانگھياڻي، ارونا ڪندناڻي، سروج رامچنداڻي، گرڌر ميراڻي، گرداس مل، چندرو آتما ۽ گهنشام واسواڻيءَ جا رڪارڊ تيار ٿيا جيڪي سنڌ ۽ هند ۾ عام مقبوليت ماڻي جهر جهنگ ۾ ٻڌجڻ لڳا. هاڻي انهن مان ڪن ٿورن ئي فنڪارن جو ڪلام محفوظ آهي، تمام گهڻو رڪارڊ اڻلڀ آهي. رڪارڊنگ جي ان پوري سلسلي ۾ رڪارڊنگ ڪندڙ ٽيڪنيشنس، سازندن، موسيقارن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جو رڪارڊ پڻ محفوظ ناهي. جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ننڍي کنڊ جو ورهاڱو آهي، ڇو جو سنڌ ۾ رهندڙ هندن جي لڏپلاڻ سبب تمام گهڻو رڪارڊ محفوظ نه ٿي سگهيو ۽ ضايع ٿي ويو ۽ نه ئي وري ان وقت ڪي اهڙا ادار هئا جيڪي ان ڏس ۾ ڪم ڪري سگهن جنهن جي ڪري اسان وٽ گراموفون رڪارڊ تمام ٿورا محفوظ ٿي سگهيا.

سنڌ ۾ آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ

1963ع ۾ جڏهن Compact Cassette ٺهي تڏهن کان آڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو لاڙو ئي بدلجي ويو. ڪيسٽ اچڻ کان پوءِ آڊيو رڪارڊنگ اسٽوڊيوز مان نڪري هر ان عام ماڻهوءَ تائين پهچي ويئي جنهن وٽ ڪيسٽ پليئر ۽ رڪارڊر موجود هو. جيڪو آسانيءَ سان هر هنڌ کڻي وڃي سگهيو پئي ۽ رڪارڊ ڪري سگهيو پئي. 1968ع کان سنڌ ۾ پڻ ڪيسٽ تي آڊيو رڪارڊنگ ڪرڻ جو رواج عام جام ٿي چڪو هو جيڪو عام محفلن کان وٺي هر ميلي ملاکڙي ۽ نجي محفلن ۾ رڪارڊنگ جا شوقين پنهنجون من پسند شيون رڪارڊ ڪرڻ لڳا. تان جو 1970ع کان باقاعده ڪيسٽ رڪارڊنگ اسٽوڊيوز پڻ قائم ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ آڊيو رڪارڊنگ جو هڪ سنهري دور شروع ٿي ويو. ڪيتريون ئي ڪمپنيون ميدان تي اچي ويون ۽ ڪيترائي فنڪار،شاعر، سازندا، مارڪيٽنگ ڪندڙ ڪاروباري ماڻهو، پرنٽنگ پريسون، ڪيسٽن سان لاڳاپيل ٻيون شيون ٺاهيندڙ ادارا، ڪيسٽ رڪارڊنگ اسٽوڊيوز ۾ ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل اسٽاف روزگار سان لڳي ويو. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه ڪمپنيون ٺهيون جن هڪ سروي مطابق حمد، نعتون، مذهبي تقريرون، راڳ ۽ سازن جا 75000 البم رليز ڪيا. انهن مان سنڌ جي مختلف فنڪارن جا 50000 البم رڪارڊ ٿيا جن تي سرسري نظر وجهبي ته هڪ ڪيسٽ ۾ ڏهن ڪلامن جي حساب سان 50000 البمن ۾ 500000 ڪلام رڪارڊ ٿي چڪا آهن. اهو هڪ تمام وڏو انگ آهي جنهن ۾ سنڌ جي هر قسم جو راڳ ۽ ڪيترن ئي صوفي بزرگن جو ڪلام رڪارڊ تي موجود آهي. جيڪو هڪ تمام وڏو اثاثو آهي.

سنڌ ۾ آڊيو ڪيسٽ ڪمپني[سنواريو]

انهن فنڪارن جا نالا جن جو سنڌيءَ ۾ ڳايل آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ موجود آهي

  1. عابده پروين
  2. عبدالله ٿري
  3. ثمينه ڪنول
  4. عطا الله جونيئر
  5. ڀڳونتي ناواڻي
  6. فدا علي
  7. مائي ڀاڳي
  8. يونس جاني
  9. مائي الله وسائي
  10. صادق علي قريشي 11. نور بانو 12. اشتيار علي قريشي 13. زرينه بلوچ 14. رياض شمسي 15. آسيه بلوچ 16. مير يعقوب علي 17. مهتاب بلوچ 18. مولابخش لاسي 19. روبينه حيدري 20. نورل ڀٽي 21. جلال چانڊيو 22. عبدالغني ڀٽي 23. گلشيرتيوڻو 24. سلطان شاهه بخاري 25. خان محمد شيخ 26. رسول بخش ابڙو 27. پروين حيدري 28. اعجاز علي ٻرڙو 29. تاج مستاني 30. ماستر نظام الدين 31. ملڪه مستاني 32. مريد علي ٻٻر 33. سوڍي ديواني 34. فاروق علي راڄپر 35. ثمينه سمون 36. محمد رمضان کوکر 37. ثمينه گڏي 38. نصير احمد جوکيو 39. نظيران ڀٽڻ 40. عبدالله کاوڙ 41. شاهين سومرو 42. سانوڻ شوڪت 43. زيب النساء 44. سهڻو عباس 45. حسنه ناز 46. گلزار احمد 47. انجمه آرا 48. ميوو خان 49. اميران بيگم 50. محمد پيرل 51. زبيده سولنگي 52. امام بخش زرداري 53. بشرا بانو 54. غلام حسين زرداري 55. رينا ڪوئل 56. فقير گل حسن مڱريو 57. نور بانو 58. محرم علي زرداري 59. فوزيه سومرو 60. محمد شريف زرداري 61. عابده خانم 62. علي نواز زرداري 63. زاهده پروين 64. حيدر رند 65. الله داد زرداري 66. محمد حيات رند 67. عابده خانم 68. ننڍو حيدر رند 69. فرح خانم 70. محمد جمن رند 71. سليم جاويد 72. محراب رند 73. رزاق جميل 74. حيدر کوسو 75. ناهيد اختر 76. الاهي بخش لغاري 77. منظور سخيراڻي 78. جونيئر الاهي بخش 79. شازيه خوشڪ 80. محمد بخش پتافي 81. افشان 82. لطيف لغاري 83. قزبانو 84. فدا حسين جمالي 85. رازده پروين 86. علي نواز جمالي 87. ڪوثر ماروئي 88. وزير علي عمراڻي 89. روبنه ڪاوش 90. يوسف مري 91. لبنيٰ ڪنول 92. مولا بخش مري 93. سومجي ڀڳت 94. خميسو خان چانگ 95. ماسٽر چندر 96. جاويد جکراڻي 97. پنا لعل ڀڳت 98. غلام نبي لغاري 99. ميلاپ سنگ 100. گلزار علي مگسي 101. ڀڳت ڪنور رام 102. گلشير تيوڻو 103. استاد منظور علي خان 104. دادلي ڀٽڻ 105. محمد جمن 106. نئون عرس 107. فيروز گل 108. عزيز الله جمالي 109. حسين بخش خادم 110. نادر چانڊيو 111. خانصاحب الهڏنو نوناري 112. امير بخش چانڊيو 113. دين محمد دمساز 114. دل جان چانڊيو 115. دين محمد ميراثي 116. بشير احمد ملڪاڻي 117. ڍول فقير 118. نورل کوسو 119. علڻ فقير 120. امام بخش بلوچ 121. مصري فقير 122. نجب حسين وستڙو 123. مور فقير 124. غلام علي صنديلو 125. آسي فقير 126. غلام شبير شاهاڻي 127. ڪمال دين سولنگي 128. علي حسن سولنگي 129. فقير يار محمد 130. فضل فقير 131. فقير قادر بخش 132. حاتم فقير 133. منشي محمد ابراهيم 134. شيرل جوڳي 135. شمن فقير 136. محمد عالم 137. همٿ فقير 138. مائي بيگم فقيرياڻي 139. محمد عرس فقير دلدار فقير 140. مائي جيوڻي 141. عبداللطيف مهر 142. مائي الهرکي 143. ميهل فقير 144. سونو خان بلوچ 145. شاهنواز فقير محمد عالم فقير 146. خورشيد علي خان 147. اسحاق محمد 148. مصري فقير مخمور 149. مشتاق محمد 150. ممتاز سجاول 151. محمد عالم فقير ڪريم بخش 152. جلال ڏيپلائي 153. رضا محمد گوندر 154. غلام حسين پلپلي 155. مکڻو فقير 156. مٺو ڀيل 157. اڪبر علي 158. نصير احمد جوکيو 159. نادر حسين 160. محمد حسن گگن 161. ديدار حسين 162. فقير امانت علي 163. قادر بخش 164. محمد سولنگي 165. قلندر بخش 166. محمد امين جسڪاڻي 167. گلاب گل 168. راحب سولنگي 169. گل گلو عرس 170. شادي فقير 171. رب نواز مهيسر 172. علي نواز خان 173. فقير محمد ملاڻو 174. امام بخش ملاح 175. غلام رسول لوهار 176. ماسٽر انور گل 177. سلطان بيوس 178. غلام محمد 179. الهجڙيو 180. رونا ليليٰ 181. محمد جمن چنڊ 182. محبت علي 183. محمد هاشم چنڊ 184. عرس کوسو 185. نواز علي گجو 186. زينت بانو سولنگي 187. محمد بخش حاجاڻو 188. مائي الله رکي 189. روشن علي پٺاڻ 190. خوشبو ڪنول 191. مريد ملڪ 192. مهتاب ڪنول 193. نبي بخش ميهار 194. شازيه ترنم 195. گل حسن ملڪ 196. ممتاز ڪنول 197. وزير علي بروهي 198. زمان خاصخيلي 199. سوڍو جوڳي 200. صنم ماروي 201. جاني شاهه 202. بشريٰ ماروي 203. الهبچايو ڪارو 204. شهنيلا علي 205. محمد حسين ڪارو 206. شهلا گل 207. ننڍو ارباب 208. شاهده پروين 209. ننڍو ڦوٽو زرداري 210. زاهده 211. ننڍو امام بخش 212. زبيده ڪرن 213. احمد ملاح 214. رمضان چانڊيو 215. سالو ڀيل 216. قاسم بٺورائي 217. جمعون ڀيل 218. قاسم علي شاه 219. لڇمڻ اوڏ 220. اسحاق ڪارو 221. نٿو ڀڳت 222. موسو خاصخيلي 223. بنڊت تارا چند 224. يعقوب خاصخيلي 225. وڪيو ڀيل 226. عبدالغفور سومرو 227. امولڪ 228. آغا ثناالله 229. ڪيول ڀيل 230. اڪبر علي 231. منگل ڀيل 232. ماسٽر اياز علي 233. محمد يوسف 234. ويڙهيچو ڪڇي 235. علي مراد جتوئي 236. ناهيد عباسي 237. سجاد يوسف 238. ليلا لطيفي 239. وحيد علي خان 240. فرزانه پروين 241. سرمند سنڌي 242. منٺار سولنگي 243. غلام شبير سمون 244. فقير الله ڏنو 245. سڄڻ سنڌي 246. زڪيه خان 247. ٻيجهل سنڌي 248. صوبيه 249. امير علي سرڪي 250. بختاور 251. سينگار علي سليم 252. فرحه شاهين 253. انور حسين وسطڙو 254. فوزيه شاهين 255. سروي سخيراڻي 256. سلطانه سورٺ 257. خادم سخيراڻي 258. ديبه شاهين 259. نظام الدين وسطڙو 260. حميره سارنگ 261. گلاب راءِ 262. سميره سارنگ 263. غفور گل 264. سلمه پروين 265. عنايت حسين 266. ضامن علي 267. جونير گلاب راءِ 268. طاهر مٺو 269. مصري ڏيپلائي 270. شڪيله بهار 271. ممتاز علي لاشاري 272. حسينه ملاح 273. الهڏنو جوڻيجو 274. سونيه ڪنول 275. ننڍڙو جوڻيجو 276. نرما ڪنول 277. عاشق نظاماڻي 278. بيبي شبانه 279. حب علي 280. سونيه سومرو 281. شمن علي ميرالي 282. ثريه سومرو 283. همٿ علي ميرالي 284. ننڍي فوزيه 285. برقت علي 286. آخري فوزيه 287. عبدالحميد عباسي 288. ثمينه گل 289. قمر سومرو 290. عاشق خاصخيلي 291. ننڍو ميهار عباسي 292. شازيه بلوچ 293. اعجاز علي خاصخيلي 294. حسينه ڪنول 295. جونئير گل شير 296. ٽيئون مل 297. راڻو جتوئي 298. مائي ڍائي 299. قربان علي جيسر 300. مائي ڀاڳي ڀٽڻ 301. ننڍو جلال 302. سيتا ڀڳتياڻي 303. جلال جونيئر 304. بختاور سنڌو 305. مراد ڀيل 306. ماروي سنڌو 307. گرم جلال 308. حافظ لقمان عالماڻي 309. قدرتي جلال 310. فقير يار علي 311. ٿري جلال 312. مانجهي فقير 313. تازو جلال 314. سوڍل فقير 315. خميسو ڀيل 316. فقير رجب علي 317. جوڳي جلال 318. رفيق فقير 319. پپو جلال 320. عطاالله نيازي 321. روشن جلال 322. مراتب علي 323. نئون جلال 324. ميڊم نورجهان 325. سهڻو جلال 326. مهدي حسن 327. آخري جلال 328. محمد رفيع 329. عزيزالله جمالي 330. استاد فتح علي 331. ارباب سولنگي 332. ماسٽر فتح 333. گلزار علي چانڊيو 334. غني سولنگي 335. جلال پٺاڻ 336. غلام حسين عمراڻي 337. الطاف حسين جمالي 338. اختيار علي دايو 339. اصغر جمالي 340. وچن سنڌي 341. يونس ملاح 342. سرمد اياز 343. نياز حسين ملاح 344. موسي حسين سمون 345. محمد سومار 346. عبدالله ڪڇي 347. محمد ڇُٽل بروهي 348. حسن ڪڇي 349. قربان جوڻو 350. دينو ڪڇي 351. معشوق علي سهتو 352. خدا بخش ڪڇي 353. علي ڏنو ٻگهيو 354. غلام قادر ڪڇي 355. محمد صديق خاصخيلي 356. انور ڪڇي 357. منٺار ڀٽي 358. فقير قادر بخش 359. ذوالفقار چانڊيو 360. عاشق حسين سمون 361. غلام سرور چانڊيو 362. امين سٺيو 363. هاش چانڊيو 364. ٻيجل سنڌي 365. سڪندر چانڊيو 366. صوفي نعيم داس 367. سليمان جوڳي 368. فقير عبدالغفور 369. محمد عرس چانڊيو 370. ٻڍو فقير 371. محمد عرس 372. جهانگير نوهاڻي 373. جلال الدين بروهي 374. فقير محبوب علي شيخ 375. ممتاز علي چانڊيو 376. حافظ محمد علي بلوچ 377. چاڪر چانڊيو 378. ذوالفقار علي بلوچ 379. لطيف چانڊيو 380. نبي بخش جويو 381. عبدالعزيز 382. غلام حسين ماڇي 383. نظير احمد چانڊيو 384. مقبول حسين 385. فوٽو چانڊيو 386. ذاڪر منظور حسين 387. مختيار چانڊيو 388. غضنفر عباس 389. حسين بخش چانڊيو 390. خادم حسين شاهه 391. رضا محمد چانڊيو 392. رياض حسين شاهه 393. مٺو ڪڇي 394. منجي ڀڳت 395. قاسم اوٺو 396. سليمان شاهه 397. امام بخش چانڊيو 398. جمنا ٻائي 399. غلام حسين ميراڻي 400. گومون ڀيل 401. خادم حسين سيال 402. جوڳي رام 403. ابراهيم خاصخيلي 404. چوٿو ڀڳت 405. لونگ ڏيٿو 406. ڀڳت چڪداس 407. ننڍڙو خان محمد 408. ننڍي سيتا 409. مختيار علي شيدي 410. رتن چند 411. محمد رمضان سولنگي 412. ڀڳت ڏيئا رام 413. ڌڻي بخش سولنگي 414. ڀڳت رام چند 415. محمد رحيم سولنگي 416. مائي جيان ڀڳتياڻي 417. ذوالفقار سولنگي 418. مهاراج ڌرمون ڀڳت 419. مختيار علي سولنگي 420. ڌرمشي ڀڳت 421. الهڏنو سولنگي 422. گڻيش رام 423. گل حسن ميراڻي 424. ڀڳت نارو رام 425. عبدالرحيم ميراڻي 426. انوپ جلوٽا 427. غلام مصطفيٰ مشوري 428. گنگا ڀڳتاڻي 429. غلام نبي وارثي 430. ڀڳت هرچند ڀيل 431. مير هزار جعفر 432. ڀڳت چينو 433. پنهل ٽهلاڻي 434. ڀڳت آسن 435. مختيار علي سانگي 436. مهاراج ڪشور چند 437. عبدالخالق ٽهلاڻي 438. ڀروي ڀڳت 439. بشير احمد مهڪاڻي 440. ڀڳت ڀلجي 441. ميوو ڪليري 442. ڀڳت لونگ ڀلي 443. غلام حيدر ڪپري 444. آمي ڀڳتياڻي 445. صادق علي قريشي 446. مائي پٺاڻي ڀڳتياڻي 447. سبز علي سروري 448. هريرام مورواڙيو 449. بادل راهي 450. محبوب خاصخيلي.
  • "ساڳِي مانا واري ٻولَنِ ۾ اَکَرَنِ جو مَٽاءُ"*

سُنۡهِنۡڻا سانۡگِيئَڙَؤ ! سِنڌِيءَ جِي پَنۡهِنۡجِي سائِنسِي لِپِي ديوناگِرِيءَ ۾ نِجُ 52 سِنڌِي اَکَرَنِ جِي وارَ (سِلسِلو) اُچارِڻَ جي آڌارَ وارِي آھي . اِنهَنۡنِ جُونۡ 7 آڪَهِيُونۡ آھِنِ . پَهِرِينۡ آڪَھِ 12 سُرَ (vowels) جيڪي ڇاتِيءَ دُنَ نَڪَ مانۡ نِڪِرَنۡدا آھِنِ . پو 40 اُچارَ, جيڪي پَڇاڙِيءَ ۾ 'آ' سُرُ جوڙي اُچارِبا آھِنِ . [1]

حوالا[سنواريو]

  1. محقق: پريم تنواڻي ۽ اَنو سولنگي