آچر فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آچر پٽ جمعو ڦلپوٽو سچل جي درگاهه جو فقير هو. هيءُ ڳوٺ اورنگ آباد لڳ امروٽ شريف، تعلقي ڳڙھي ياسين جو ويٺل ھو. ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا، تنھنڪري پنھنجي مامي وٽ شڪارپور جي ڀرسان رھيو. مامي ھن کي مينھون چارڻ لاءِ ڇڏيو، پر جلدي بيزار ٿي ڳوٺ ڇڏي گھمندو اچي ”درازن“ ۾ پھتو؛ جتي فقيرن جي صحبت وڻي ويس. آخرڪار پاڻ به سچل سائينءَ جي درگاهه تي فقير بڻجي ويٺو. جوانيءَ جي وقت ۾ 1349ھ 1930ء ڌاري وفات ڪيائين.[1]