آپڻان گليلا راند
ڏيک
آپڻان گليلا راند لاءِ ٻار پاڻ ۾ ڪڪل ڪڪل کيروٽيءَ وانگر ڀڄي ايندا آهن، پوءِ هڪڙا هڪڙي پاسي ويھندا، ٻيا ٻئي پاسي، انهن جا ڌوڙي وچ ۾ ويھندا، پوءِ ڌوڙي ٻئي پاڻ ۾ گليلا ساريندا، جيڪو انگ دل ۾ رکندا ۽ واري واري هرڪو ڌوڙي پنھنجن همراهن کان پڇندو تہ ”ڀيچي ڙي ڀيچي“ هو چوندا تہ ”جي ڙي ڀيچي“، وري ڌوڙي چوندو تہ ”آپڻا گليلا گهڻا“ هو جيڪي دل ۾ ايندن، اهو چوندا، جي برابر چيائون تہ ڌوڙي چوندو تہ ”چڙهي چيلهه ڀڃون“، پوءِ جن انگ پورو ٻڌايو هوندو، اهي ڌر تي سرسي حاصل ڪري وٺندا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آپڻان گليلا راند، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.