آية الڪرسي
آیت الڪرسي:(انگريزي: Ayat ul Kursi ) قرآن پاڪ جي ٽئين سيپاري ’-تلڪ- الرسل‘ ۽ سورة بقره جي -آيت- نمبر 255، جنهن ۾ لفظ ’ڪرسي‘ ڪم آيو آهي، تنهنڪري اُها ’-آية الڪرسي-‘ سڏجي ٿي. هن -آيت- ۾ -الله- تعاليٰ جون ڪي صفتون اثرائتي نموني بيان ٿيل آهن. حديث شريف ۾ هن -آيت- بابت وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي، خاص ڪري خطري جي وقت ۾ پڙهڻ سان دل کي تقويت ملي ٿي. مسلمان گهڻو ڪري سمهڻ وقت هن -آيت- جو ورد ڪندا آهن. حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- فرمايو ته جنهن مسلمان هر نماز بعد -آية الڪرسي- پڙهي، -ان- کي -جنت- ۾ وڃڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.[1]