آهيڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آھيڙي ھڪ خانہ بدوش راجسٿاني غير مسلم قبيلو. عام طرح اھي شڪاري جيڪي ڪوڙڪي وجهي جانور کي شڪار ڪندا آھن يا وري ڪنھن ھٿيار (ٽڪي) ڪاتر، گهوٻاٽي وغيره سان جانور کي زخمي ڪري جهليندا آھن. انھن شڪارين کي آھيڙي چوندا آھن. شڪاري اصل ۾ ھڪ خانہ بدوش قبيلو آهي. شاھ لطيف هي لفظ رسالي ۾ هن ريت ڪم آندو آهي[1]:

جهنگل آهيڙين ري، ڀَنڻ ڪيو رُوندو.

(شاه)

مومل ماري ميرَ، آهيڙين کي آڪري!

(شاه، راڻو 8/7)

مُلان ملان مَ چئو، آهيڙي آهين!

(شاه)

حوالا[سنواريو]