آهوڙو
ڏيک
آهڙيو يا آهوڙو جانڊاهي ترڇا، ڪنڊائتا، کتون نڪتل پھڻ آهُڙا سڏبا آهن. اهو لفظ شاھ لطيف بہ استعمال ڪيو آهي”آڏ تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا“. انهن پھڻن کي ٽاڪي، تراشي انهن مان جنڊ، چڪيون، اُکريون ۽ روهيون يا کرل ٺاهڻ وارن ڪاريگرن کي ”آهڙيا“ يا ’جنڊ آهوڙا‘ بہ چئبو آهي. اُهي اِهي ٺاهيل شيون کڻي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ وڃي وڪڻندا بہ آهن، گهڻو ڪري اها ڪرت لورا ۽ بروهي ذات جا ماڻهو ڪندا آهن، پر ڪي غير مسلم خانہ بدوش پڻ اهو ڪم ڪن ٿا ۽ گسي ويل جنڊن کي ٽڪي ٻيھر ان پيھڻ لائق بڻائي ڏيندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آهوڙو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.