آنٻليو راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آنٻليو راند:(انگريزي: Aanbbelo game) هي راند ميدان تي به ڪبي آهي، پر ڪنهن وٽ هيٺ مزيدار ٿيندي آهي. ٻه فوٽ کن ڪاٺي کڻي وڻ هيٺان ڌُوڙ جي ڍڳي ٺاهي ان ۾ کوڙي آگ ڏيندڙ ان جو سنڀائيندڙ ٿيندو، ٻيا ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. پوءِ هو کين هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڇوڪرا وري وڻ جي ٿڙ وٽان لهييا ٽپا ڏيئي هيٺ لهي، يا ٽارين جي ڇيڙن وٽان لڙڪي يعني لُوٻني (جنهن کي لونٻڻي چون،) هيٺ لهندا آهن، ۽ هن کان پاڻ بچائي آنٻليو کڻي ٽنگ هيٺان لنگهائي وات کي ويجهو ڪري ڏوڪارو ڪندا. انهيءَ وچ ۾ جي هُن ڪنهن کي هٿ لاتو ته هُن تي آگ آئي ۽ اُهو پڏندو. نه ته پڻ پڏندو. آنٻيلي ڏوڪارڻ وارو پنهنجي هڪ ڄنگهه مٿي ڪري هٿ سان ٽنگ هيٺان آنٻيليو پري اُڇليندو. آگ وارو ڊوڙ پائي آنٻليو ڱکڻڻ واندو ته انهيءَ وچ ۾ ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. هو موٽي اچي آنٻيلو ڍڳيءَ ۾ کوڙيندو ۽ راند چالو ٿيندي. جڏهن ٻئي ڇوڪر کي هٿ لائيندو تڏهن آگ لٿي ۽ پوءِ اهو پڏندو. اهڙي طرح راند هلندي رهندي[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو