آنند مٽائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آنند مٽائي 1930 ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ 44 سي، آرام ڪوآپريٽو سوسائٽي واڪولا، سانتاڪروز (ايسٽ)، بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سڃاڻپ اداڪار، هدايتڪار ۽ اسٽيج ڪنٽرولر طور اٿس.[1]

فني خدمتون[سنواريو]

اداڪار طور ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“، ”گستاخي معاف“، ”نمي ڏس“، ”پئسي جا رنگ“ ۽ ”رات جو يارهين بجي“ ۽ هدايتڪار طور ”پيار ڪري ڏس“، ”ضرورت آهي جوءِ جي“، ”پلئُہ پلي“ ۽ ٻين انيڪ ناٽڪن جھڙوڪ: ”ڏس پئسي جا رنگ“، ”طلاق“، ”هڪ ٻہ ٽي“، ”ماءُ تہ منھنجي“، ”واھ ڙي زمانا“ ۽ ”هيءَ يا هوءَ“ وغيره ۾ لائيٽنگ ڏنل. سنڌي رنگ منچ کان سواءِ هندي، مرهٽي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ پڻ لائيٽنگ ڏني اٿس. گجراتي سنسٿا آءِ. اين. ٽيءَ جي گهڻو ڪري سڀني ناٽڪن ۾ لائيٽنگ ڏنائين.[1]

اعزاز[سنواريو]

مھاراشٽر راجيہ ناٽڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ بھترين لائيٽنگ لاءِ انعام حاصل ڪيا اٿس. دهليءَ جي نئشنل اسڪول آف ڊراما مان ٽن سالن جو ڊراما ڪورس پاس ڪري، پھرئين سنڌي هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]