آل پارٽيز حريت ڪانفرنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
All Parties Hurriyat Conference
Chairperson Mirwaiz Umar Farooq (Mirwaiz faction)
Masarat Alam Bhat (Geelani faction; interim)[1]
باني Mirwaiz Umar Farooq
Syed Ali Shah Geelani
Sheikh Abdul Aziz
Mohammad Abbas Ansari
Abdul Gani Lone
Yasin Malik
Abdul Ghani Bhat
بنياد 31 July 1993
صدر مقام Srinagar
نظريو Kashmiri separatism[2]
Self-determination[3]
Islamism[4][5][6]
سياسي پاسو Big tent[7][8]
رنگ Green
ويب سائيٽ
www.huriyatconference.com

آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ڪشمير جي 26 سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جو هڪ گڏيل اتحاد آهي۔[9]

[10][11][12] .[13][14]

بنياد[سنواريو]

حريت ڪانفرنس جو بنياد 10 مارچ 1993ع تي پيو

مقصد[سنواريو]

جيئن ته حريت لفظ جي معنيٰ آزادي آهي تنهنڪري ان اتحاد جو مقصد اقوام متحده جي سلامتي ڪونسل جي ٺهراءَ نمبر 47 مطابق ڪشميرين لاءِ حق خود اراديت حاصل ڪرڻ آهي۔

ميمبر[سنواريو]

ڪانفرنس جي قيام وقت ان جي ميمبرن ۾ ”ڄمون ائنڊ ڪشمير لبريشن فرنٽ“ (JKPL) جو رهنما ياسين ملڪ، "ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ليگ" (JKPL) جو رهنما شيخ يعقوب، ”پيپلز ڊيموڪرِئٽڪ فرنٽ“(PDF) ”اتحاد المسلمين“ جو مولانا عباس انصاري، ”اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ“ ۽ مسلم ڪانفرنس جو پهريون اڳواڻ عبدالغني بَٽ، مير واعظ عمر فاروق شامل آهن. مير واعظ عمر فاروق بعد ۾ "ڄمون ائنڊ ڪشمير عوامي ائڪشن ڪميٽيءَ" جو چيئرمئن پڻ ٿيو. انهن سمورن آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

تقسيم[سنواريو]

سال 2002ع وارين عام چونڊن کانپوءِ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. ان جو سبب اهو هو ته حريت جي آئين جي ابتڙ ڪجهه اتحادين چونڊن ۾ حصو ورتو. تنهن کانپوءِ هڪ ڌڙي جو اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني ۽ ٻئي ڌڙي جو مير واعظ عمر فاروق ٿيو۔

موجوده ميمبر[سنواريو]

جنوري 2010 ۾ تابش ڀٽ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو اڳواڻ چونڊيو ويو. موجوده آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي ميمبرن ۾:

1۔ مير واعظ عمر فاروق (عوامي ائڪشن ڪميٽي)

2۔ مولانا محمد عباس انصاري (اتحاد المسلمين)

3۔ محمد عمر فاروق (انجمن اوقافِ جامع مسجد)

4۔ سـيـد قـاسـم شاهه بخاري (انـجـمـن تـبليغ الاسلام)

5۔ قاضي غلام محمد (امت اسلامي)

6۔ اشتياق قادري (آل ڄمون ائنڊ ڪشمير ایمـپـلائـيـز ڪـنـفـيـڊريـشـن)

7۔ مــولانا طـاهـري (جـمــاعت اَهِــل حــديــث)

8۔ عبدالغني اظهري (جمیعت علماءِ اسلام)

9۔ مولانا محمد ياسين همداني (جماعت همدانيه)

10۔ پروفیسر عبدالغني لون (ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ڪانفرنس)

11۔ محمد ياسين ملڪ (ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ)

12۔ نور الحسن (ڄمون ائنڊ ڪشمير هيومن رائيٽس ڪميٽي)

13۔ مفتي بهاءُالدين فاروقي (ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز بئسڪ رائيٽس پروٽيڪشن ڪـمـيـٽي)

14۔ مولانا محمد عباس انصاري (لبریشن ڪائونسل)

15۔ مولانا محمد مبارڪي (ڪشمير بَزمِ توحيد)

16۔ ميان عبدالقيوم (ڪشمير بار ائسوسيئيشن)

17۔ مس زمردہ حبيب (مسلم خواتين مرڪز)

18۔ پروفيسر عبدالغني بٽ (مسلم ڪانفرنس)

19۔ عبدالصمد (پوليٽيڪل ڪانفرنس)

20۔ ثاقب ڀٽ (تحريڪ حريت ڪشميري)

21۔ شيخ يعقوب (پيپلز ليگ)

22۔ شڪيل بخشي (اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ)

23۔ رفيق احمد مير (امام احمد رضا اسلامڪ مشن)

24۔ مولانا عبدالرشيد دائود

25۔ محمد فاروق رحماني (ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز فريم ليگ) شامل آهن.[15]

حوالا[سنواريو]

  1. Bashaarat Masood. "Masarat Alam succeeds Geelani as Hurriyat chairman". The Indian Express. وقت 4 February 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2023. 
  2. "All Parties Hurriyat Conference". 
  3. Jeelani, Mehboob, "How defiance made Syed Ali Geelani relevant in Kashmir", The Caravan  Unknown parameter |url-access= ignored (مدد)
  4. PTI, Why India banned Jamaat-e-lslami and the 'Amir-e-Jihad' Geelani connection, Business Standard, 9 March 2019.
  5. Praveen Swami, The Sunset of Kashmir's Jihadist Patriarch, Syed Ali Shah Geelani, News18, 29 June 2020 (updated 1 September 2021).
  6. (Jamal 2009141–143): "Among top leaders of the organization [Jamaat-i-Islami] in 1989, only Syed Ali Shah Geelani was willing to publicly support armed jihad. ... A pro-militancy constituency secretly arranged for Syed Ali Shah Geelani to address the group [of leaders]. When negotiations stalled, Geelani appeared suddenly, made an impassioned speech and, according to accounts of the meeting, succeeded in pushing the group toward openly supporting the jihad [which ended with the creation of Hizbul Mujahideen]."
  7. Geelani floats new party, The Statesman, 8 August 2004. سانچو:ProQuest
  8. insurgency, n, Oxford English Dictionary, حاصل ڪيل 27 November 2019  Quote: "The quality or state of being insurgent; the tendency to rise in revolt; = insurgence n. = The action of rising against authority; a rising, revolt." (subscription required)
  9. "Hurriyat: Its History, Role and Relevance" (en-US ۾). The Indian Express. 31 August 2015. http://indianexpress.com/article/explained/hurriyat-its-history-role-and-relevance/. 
  10. "All Party Hurriyat Conference (APHC)". Kashmirherald.com. حاصل ڪيل 10 March 2015. 
  11. "All Parties Hurriyat Conference". Satp.org. حاصل ڪيل 10 March 2015. 
  12. "Sorry for the inconvenience". حاصل ڪيل 9 December 2007. [مئل ڳنڍڻو]
  13. "Separatist leader Mirwaiz Umar Farooq placed under house arrest". Press Trust of India. The Hindu. حاصل ڪيل 14 February 2023. 
  14. News Desk. "Masarat Alam is new chairman of Hurriyat Conference | Free Press Kashmir". freepresskashmir.news. حاصل ڪيل 2021-09-07. 
  15. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس : (Sindhianaسنڌيانا)