آلو فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آلو فقير نالي بزرگ ذات جو چانڊيو هو ۽ مشھور بزرگ شاھ گودڙئي جو پوئلڳ ۽ پنھنجي وقت جو سخي ۽ سپھ سالار ٿي گذريو آهي. سلطان غياث الدين بلبن جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پوٽو 689ھ/1290ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومتي دور ۾ ملڪ اندر افراتفريءَ جو ماحول وڌي ويو ۽ لاقانونيت کي هٿي ملي، تڏهن مرزاڻي قبيلي جي ماڻهن حمل خان مرزاڻي چانڊئي جو مال اچي ڦريو، ڦريل مال واپس ڪرائڻ لاءِ ٻين چانڊين سان گڏ هي درويش بہ ساڻن ويو. ٻنهي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻين ڪيترن ماڻهن سان گڏ هيءُ بہ قتل ٿي ويو. آلو فقير کي 7 رجب 691ھ مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آلو فقير، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.