مواد ڏانھن هلو

آلو بالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Prunus avium, sweet cherry, also called wild cherry
Prunus cerasus

'آلُو بالُو، آلوبالو (Cherry)، شاھداڻو، هي ولايتي ميوو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چيِري، فارسيءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آلوبالو يا شاهدانه چون ٿا. هي ميوو هندستان ۾ چڱو نه ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ هن جا ٻه ٽي قسم پوکڻ ۾ ايندا آهن، سي به جبلن تي. پوکڻ لاءِ ٻج ڪم ۾ آڻيندا آهن، جو سيپٽمبر ۾ هڻندا آهن. ڪچو ڪين کاڄندو آهي. هي وڻ تمام وڏو ٿو ٿئي، هن جي ڪاٺي جنڊيءَ وارن ۽ باجي جي اوزارن ٺاهڻ وارن کي گهڻي پسند ايندي آهي، جو هن مان نليون ۽ توتاڙيون چڱيون ٺهنديون آهن. سڪاٽلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ هي وڻ جهنگلي ٿيندا آهن ۽ هنن جي ميوي مان شراب جهڙي رس نچوڙي ڪڍندا آهن. هي وڻ شملا ۽ ڪشمير ۾ به ٿين ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو