آلو بخارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آلوچو کان چوريل)

آلو بخارو
A plum; whole and split
Black Amber Plum
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Plantae
(unranked): Angiosperms
(unranked): Eudicots
(unranked): Rosids
ترتيب: Rosales
خاندان: Rosaceae
ذيلي خاندان: Amygdaloideae[1]
نسل: Prunus
ذيلي نسل: Prunus
Species

See text.

آلو بخارو ھڪ پھاڙي وڻ جو ميوو، جيڪو کاڌي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندو آھي. ھن جا صوفي ٻير جيڏا داڻا، ڪاراڻ مائل، ڳاڙھي رنگ جا ٿيندا آھن. ذائقو کٽو يا کٽمٺڙو اٿس. آلو بخارو سرءُ جو ميوو آھي. ھيءُ خوباني ۽ آڙوءَ جو ويجھو رشتيدار آھي. غذائي لحاظ کان آلو بخارو وڏيءَ اھميت وارو ميوو آھي. ھن ۾ کنڊ، ڪئلشيم، فاسفورس ۽ فولاد ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ان ۾ وٽئمن اي. بي ۽ سيءَ کان سواءِ پروٽين جو نشاستو به ٿئي ٿو. ھيءُ ميوو ٿڌو اثر رکي ٿو ۽ قبض ڪشا آھي. طبي لحاظ کان گھڻي اڃ ۽ وات جي خشڪيءَ کي گھٽائي ٿو. تپ، مٿي جي سور ۽ الٽين وغيره لاءِ مفيد علاج سمجهيو آھي.[2] هي ميوو کائڻ ۾ سخت آهي تنهن ڪري رڌي کائيندا آهن، يا مربي ۽ ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ڪم آڻيندا آهن. آلو بخارا ته مشهور آهن؛ هر سال ڪابل کان سڪل ايندا آهن. انهن جو وڻ پنجاب ۽ مٿين پرڳڻن ۾ چڱو ٿو ٿئي، جنهن ميوي کي هندستاني آلوچا چون ٿا، سو به آلو بخارا جهڙو آهي؛ مگر اصل يورپ جو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ پلَم چون ٿا. هن جو وڻ شفتالوءَ وانگي پوکبو آهي. هن جو پيوند شفتالوءَ تي لڳي سگهي ٿو. اک به لڳندي آهي. ٽَڪر تي چڱو ٿيندو آهي. هي ميوو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پچندو آهي. هماليه ۾ تہ مينهن جي موسم ۾ پچندو آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. D. Potter; T. Eriksson; R. C. Evans; S. Oh; J. E. E. Smedmark; D. R. Morgan; M. Kerr; K. R. Robson et al. (2007). "Phylogeny and classification of Rosaceae". Plant Systematics and Evolution 266 (1–2): 5–43. doi:10.1007/s00606-007-0539-9. http://biology.umaine.edu/Amelanchier/Rosaceae_2007.pdf.  Note that this publication pre-dates the 2011 International Botanical Congress which mandates that the combined subfamily referred to in the paper as Spiraeoideae must be called Amygdaloideae.("Article 19 – Ex.5". International Association for Plant Taxonomy. وقت 2016-03-04 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. )
  2. آلو بخارو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو