آلندي سيلويڊار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چليءَ جو سوشلسٽ ليڊر ۽ صدر آلندي سيلويڊار، سال 1908ع ۾ ڄائو هو ۽ 1973ع ۾ ماريو ويو. آخري دم تائين هار نه مڃيائين ۽ مشين گن هلائيندي وڙهندو رهيو. شايد ٻئي ڏينهن تي هن جو دوست راڳي شاعر وڪٽر هارا به ماريو ويو. هن جي زال، جون هارا جي ڪتاب “Victor, The Unfinished Song” ۾ آلندي جو ذڪر آهي. آلندي هڪ پڪو مارڪسٽ هو، جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ آزاد اليڪشن ۾ کٽي ويو هو. هو چليءَ جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو 1943ع ۾ سيڪريٽري جنرل ٿيو، جيتوڻيڪ هڪ سوشلسٽ جي حيثيت ۾ انهيءَ سوشلسٽ گروپ جي خلاف ڪامياب ٿيو هو، جيڪو ڪميونسٽ ڌر جو حامي هو، پر پوءِ هن ڪميونسٽن سان تعاون جي ضرورت محسوس ڪئي ته جيئن چليءَ ۾ انقلابي تحريڪ ڪمزور نه ٿئي. 1948ع ۾ هو سوشلسٽ پارٽيءَ کي صدر گبرئيل گونزاليز وڊيلا جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي آماده نه ڪري سگھيو، نه وري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حمايت تي آماده ڪري سگھيو. هن سوشلسٽ پارٽيءَ کي الوداع ڪري، هڪ ٻي سوشلسٽ پارٽي ٺاهي، جنهن کي ”پاپولر سوشلسٽ پارٽي“ نالو ڏنو ويو. جڏهن 1952ع ۾ ان پارٽيءَ اڳئين آمر جنرل ڪارلوس ابنيز کي چونڊ ۾ اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي ته آلندي پي. ايس. پي ڇڏي، اصلي سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ موٽي آيو. هن کي ڪميونسٽن مدد جي آڇ ڪئي ۽ سوشلسٽن چونڊن ۾ کيس صدارت لاءِ اميدوار چونڊيو. ٻنهي پارٽين اتحاد ڪيو، جنهن کي ”پاپولر ائڪشن فرنٽ“ ڪوٺيو ويو، جنهن ٽي ڀيرا 1952ع، 1958ع ۽ 1964ع ۾ آلندي کي صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. فرنٽ جي جاءِ تي پوءِ ”پاپولر يونٽي“ ٺاهي وئي، جنهن ۾ ريڊيڪل پارٽيءَ جا ميمبر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اهي ڪرسچن ڊيموڪرئٽ، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکندا هئا، شامل ٿيا. 1970ع جي اليڪشن ۾ آلندي کٽي ويو، پر جيئن ته کيس واضح اڪثريت نه هئي، ان ڪري اُتان جي قانون مطابق هن جي اليڪشن کي قومي اسيمبليءَ بحال ڪيو، ڪرسچن ڊيموڪرئٽن، آلنديءَ جي ان شرط تي حمايت ڪئي ته هو آئين کي نه ٽوڙيندو. آلندي جي پروگرام ۾ بئنڪن ۽ خانگي ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺڻ به هو ۽ زرعي سڌارا به هئا. زرعي سڌارا تيز ڪيا ويا، 1972ع تائين سموريون وڏيون جاگيرون قوميايون (Nationalize) ويون. آلندي جي سرڪار جو آمريڪا سان ان وقت ٽڪراءُ ٿيو، جڏهن آمريڪا جا ٽامي جا ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ انهن لاءِ ڪافي معاوضو نه ڏنو ويو. وچولي طبقي جي وڌندڙ ڪرتوتن سبب آلندي خلاف 1972ع ۽ 1973ع ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ٿيا. 1973ع جي اونهاري تائين آلندي جي پورهيت حامين ۽ وچولي طبقي جي ڌرين ۾ اختلاف وڌي ويا. 11 سيپٽمبر 1973ع ۾ آلندي جي حڪومت جو تختو ملٽري ڪُو (Coup) ذريعي اونڌو ڪيو ويو ۽ آلندي محل اندر وڙهندي مارجي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]