آلا مگنا (اسٽاڪھوم يونيورسٽي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the Stockholm auditorium تي آهي. the Louvain-la-Neuve building جي لاءِ Aula Magna (UCLouvain) ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ the building in Caracas Aula Magna (Central University of Venezuela) ڏسو.
وڏي ھال جي اڳياڙي

آلا مئگنا (معنيٰ وڏو ھال، لاطيني ٻوليءَ ۾ Aula مطلب وڏو Great ۽ Magna معنيٰ ھال يا آڊيٽوريم، ھڪ وڏو ڪلاس روم يا ھال جتي يونيورسٽيءَ جون خاص گڏجاڻيون ٿينديون ھجن) سويډن ۾ اسٽاڪھوم يونيورسٽي ۾ سڀ کان وڏي اسٽيڊيم آهي، جيڪو 1998ع ۾ ٺاھي جوڙيو ويو. وڏي ليڪچر هال سان گڏوگڏ ننڍا گڏجاڻي ۽ سيمينار جا ڪمرا آھن. ليڪچر هال کان ٻاهر هڪ درشنخانو (گليري) آهي. تماش/تقرير گاھ (آڊيٽوريم) تعليمي گڏجاڻين جهڙوڪ ڪانفرنس ۽ سمپوزميم سان گڏوگڏ خارجي ميڙاڪن جهڙوڪ عام گڏجاڻين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. هتي نوبل ليڪچر پڻ منعقد ڪيا ويا آهن. آگسٽ 16،17،18، 2019 ۾ ھتي وڪيميڊيا ھلچل جي ٽن ڏينھن واري سالياڻي عالمي وڪيمينيا 2019 ڪانفرنس پڻ ٿي گذري.

بناوت[سنواريو]

Ralph Erskine رالف ايرسڪين

آولا مئگنا آرڪٽسٽ رالف ارڪسائين پاران ٺهيل هئي، جنھن پاران ويجهي آلشسٽ، اسٽاڪھوم يونيورسٽي لائبريري، اڪٽيورم (فريسيڪايلين) ۽ يونيورسٽي لاءِ قانون جو گھر (ھائوس آف لا) پڻ ٺهيل هو. 2005 ۾ مرڻ کان اڳ ايرڪسائين پاران يونيورسٽي لاءِ اولا مئگنا آخري منصوبو هئو. ان ماڳ تي آڊيٽوريم کي رکڻ جو خيال 1960ع جي شروع ۾، ڪيمپس جي رٿابندي کان وٺي ھيو.

خاڪو[سنواريو]

Brick detailing, south facade

عمارت ميدان ۾ ٺھيل آهي. اتر طرف ۽ مکيا دروازن مان اهو هڪ گهٽ، معمولي تاثر ڏئي ٿو، وڏي شيشي جي سطحن وسيلي برک آهي. پر ڏکڻ پاسي، عمارت پنھنجي پوري اونچائي تي آهي. جاءِ جي مُھاڙي کي آيرڪسائن مختلف پستڪ (مقدار)، آڪار (بناوٽ) ۽ اُونچائي ۾ دلچسپ انداز سان انتظام ڏئي ٿو. اُتر واري مُھاڙي (اڳياڙي) کي ڳاڙھي سِرُن جي مختلف رنگن ۾ اکرن سان سجايو ويو آھي. ڇت، فاصلي کان نظر اچي ٿي، جنھن ۾ آڪاس بتي (اسڪاءِ لائٽس) وسيلي ڏينھن جي روشني ۽ سج جو ڏيکُ آڊيٽوريئم ۾ داخل ٿئي ٿي. اندروني داخلا شيشي جي اڳياڙي وسيلي اُتر ۾ ھڪ ڪُشادو پينوراما پيش ڪري ٿو، جيڪو ڏسندڙن کي فطرت ۽ ٻاھر پُراڻي شاھ بلوط جي وڻن سان ويجھو رابطي ۾ جوڙي ٿو. اندر، نموني وارين سِرُن جي ڀِتِ موٽي ٿي. داخلي بناوٽ (انٽيرئر ڊزائن) ھيٺئين دالان وسيلي بيڊروڪ (Bedrock) وسيلي پڌرو ٿي ھڪ فطري لڪاءُ جو احساس ڏئي ٿو. سونھري وارن وارو ڪاٺُ جڳھ (عمارت) ۾ ھڪ خصوصيت جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو شيشي جي پٿر (گلاس اسٽون) سان گرم ڀيٽ (ڪنٽراسٽ) ڏئي ٿو. [1]

Auditorium
Lobby

آڊيٽوريم جي بناوٽ (ڊزائن) قديم امفي ٿيٽر (Amphitheater) جي نيم-گولائي (سيمي سرڪيولر) رِٿا کان متاثر ٿيل ھئي. ان جو مقصد ھيو تہ 1،194 ٻُڌندڙن (سامعين/آڊئنس) کي بغير اليڪٽرانڪ ايمپليفڪيشن اسپيڪر سمجھڻ ۾ اچي. انھيءَ مقصد لاءِ، ايرڪسائين هڪ صوتي صلاحڪار نلس-اڪي نيلسن سان گڏ ڪم ڪيو. ڪاٺ جي ڇت کي اسٽيج جي طرف بيٺل ڍال اٿس ۽ آواز کي وڌ کان وڌ پکيڙڻ ۽ پڙاڏو (echoes) کان بچائڻ لاءِ سگھارو پروفائلنگ ڪري ٿي. انھين حل جو مطلب پڻ ھڪ جمالياتي مجسموسازي جو اثر ڏيڻ ھيو، وڌ کان وڌ آواز وڌائڻ لاءِ، ھڪ بيٺل ڍال کي بناوٽ (ڊزائن) ۾ جوڙيو ويو ھيو ۽ خيال رکيو ويو ھيو تہ جڳھ ۽ سامان جو ڌيان رکيو ويو ھيو.

مکيا جاءِ موبائل وال بلاڪس وسيلي مرڪزي جڳھ کي ان جي وچ ۾ 2 وٿين ۾ ورھائي سگھجي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. Much of this description comes from the Stockholm University website, and its page on Aula Magna آرڪائيو ڪيا ويا 2019-04-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., accessed April 14, 2018


وسيلا[سنواريو]

  • Hultin, Olof ; Österling, Ola; Perlmutter, Michael (2002) [1998]. Guide till Stockholms Arkitektur (Guide to Stockholm's architecture, 2nd edition). Stockholm: Architecture Publishers. Libris 8465772. ISBN 91-86050-58-3
  • Erskine, Ralph; (1998) "Aula Magna, Stockholm" , Architecture, No. 1 Stockholm
  • Egelius, Mats, (1998) "Aula Magna closes the circle", Architecture, No. 1, Stockholm

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

  1. "Aula Magna". Stockholm University. حاصل ڪيل 2019-08-12.