آفندي باغ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا لڳ حسن علي آفندي جو باغ هو، جيڪو اڄ آفندي ٽائون جي نالي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هيءُ باغ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفنديءَ جي رهائشگاهه پڻ هو. جتي مختلف قسمن جي ميون جا باغ ۽ ڀاڄين جي پوک هوندي هئي. حسن علي آفندي، هيءُ باغ انگريزن جي عملدار ڪرنل تروٽ کان خريد ڪيو هو. آفندي خاندان 80 واري ڏهاڪي ۾ هن ايراضيءَ کي پلاٽن ۾ وڪرو ڪيو ۽ ”آفندي ٽائون“ جي نالي سان آباد ٿيندو ويو. [1]