مواد ڏانھن هلو

آغجابادي ريئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آغجابادي ضلعو
آغجابادي ريئن
آذربائيجان جو نقشي ۾ آغجابادي ضلعو نمايان ڏيکاريل
آذربائيجان جو نقشي ۾ آغجابادي ضلعو نمايان ڏيکاريل
ملڪآذربائيجان
قيام8 آگسٽ 1930
گادي جو هنڌآغجابادي شھر
Area
  Total
1,760 km2 (680 sq mi)
Population
 (2010)
  Total
122,649
  Density69.7/km2 (180/sq mi)
پوسٽل ڪوڊ
0400
ٽيليفون ڪوڊ(+994) 21[1]

آغجابادي ريئن يا آغجابادي ضلعو (انگريزي: Aghjabadi ) آذربائيجان جي وچ ۾ واقع ھڪ ضلعو يا ريئن آھي جنھن جو صدر مقام آبجاغادي شھر آھي. ھن ضلعي ۾ 45 ڳوٺ واقع آھن جن معيشت زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ آھي[2]

نالو

[سنواريو]

لفظ آغجا جي معنيَ وڏو يا وڏي آھي. بادي لفظ جي معني آبادي آهي. آغجابادي جي معنيَ آهي وڏي آبادي . ريئن آذربائيجان ۾ انتظامي ورھاست جو نالو آھي جيڪا سنڌ جي ضلعي انتظامي ورھاست جي برابر آهي ۽ انگريزي ۾ ان کي ڊسٽرڪٽ چوندا آهن.

تاريخ

[سنواريو]

ھن ضلعي جو قيام 1930ع ۾ ٿيو. 1933ع ۾ ان جي ضلعي حيثيت ختم ڪري ان کي آغدام ريئن جو حصو بڻايو ويو پر جلد پوء 1965ع ۾ ان جي ضلعي حيثيت ٻيھر بحال ڪئي وئي. آغجابادي ضلعي وارو علائقي سڀ کان قديم انساني آبادي ٽامي جي دؤر جي آھي. نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ۾ قيام الدين لي ڳوٺ ۽ ٻين ھنڌن تي تاريخي يادگار، ھڪ اسڪول، ثقافتي ريجنل سينٽر ۽ لائبريري آرمينيائي فوج ساڙي ناس ڪري ڇڏيا[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Şəhərlərarası telefon kodları". Aztelekom MMC. Aztelekom İB. Retrieved 19 August 2015. (in Azerbaijani)
  2. "Agjabedi region".
  3. Президентская библиотека Азербайджанской Республики. При содействии Академии Наук. Baku. 2008. p. 37.