آغجابادي ريئن
آغجابادي ضلعو
آغجابادي ريئن | |
|---|---|
آذربائيجان جو نقشي ۾ آغجابادي ضلعو نمايان ڏيکاريل | |
| ملڪ | آذربائيجان |
| قيام | 8 آگسٽ 1930 |
| گادي جو هنڌ | آغجابادي شھر |
| Area | |
• Total |
1,760 ڪ.م2 (680 ميل2) |
آغجابادي ريئن يا آغجابادي ضلعو (انگريزي: Aghjabadi ) آذربائيجان جي وچ ۾ واقع ھڪ ضلعو يا ريئن آھي جنھن جو صدر مقام آبجاغادي شھر آھي. ھن ضلعي ۾ 45 ڳوٺ واقع آھن جن معيشت زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ آھي[2]
نالو
[سنواريو]لفظ آغجا جي معنيَ وڏو يا وڏي آھي. بادي لفظ جي معني آبادي آهي. آغجابادي جي معنيَ آهي وڏي آبادي . ريئن آذربائيجان ۾ انتظامي ورھاست جو نالو آھي جيڪا سنڌ جي ضلعي انتظامي ورھاست جي برابر آهي ۽ انگريزي ۾ ان کي ڊسٽرڪٽ چوندا آهن.
تاريخ
[سنواريو]ھن ضلعي جو قيام 1930ع ۾ ٿيو. 1933ع ۾ ان جي ضلعي حيثيت ختم ڪري ان کي آغدام ريئن جو حصو بڻايو ويو پر جلد پوء 1965ع ۾ ان جي ضلعي حيثيت ٻيھر بحال ڪئي وئي. آغجابادي ضلعي وارو علائقي سڀ کان قديم انساني آبادي ٽامي جي دؤر جي آھي. نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ۾ قيام الدين لي ڳوٺ ۽ ٻين ھنڌن تي تاريخي يادگار، ھڪ اسڪول، ثقافتي ريجنل سينٽر ۽ لائبريري آرمينيائي فوج ساڙي ناس ڪري ڇڏيا[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Şəhərlərarası telefon kodları", Aztelekom MMC, Aztelekom İB, حاصل ڪيل 19 August 2015۔ (in Azerbaijani)
- ↑ "Agjabedi region"۔
- ↑ Президентская библиотека Азербайджанской Республики. При содействии Академии Наук. Baku. 2008. p. 37.