مواد ڏانھن هلو

آغا خان يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا خان يونيورسٽي 1983ع ڌاري قائم ٿي. آغا خان يونيورسٽي هڪ خانگي، خودمختيار ادارو آهي، جيڪو انساني ڀلائيءَ، تحقيق، تربيت ۽ برادريءَ جي خدمت سرانجام ڏيئي ٿو. هن جو بنياد معيار، پهچ، اثر ۽ ڳانڍاپي جي اصولن تي رکيل آهي. يونيورسٽيءَ جا ڪيمپس پروگرام افغانستان، اوڀر آفريڪا، مصر، پاڪستان، شام ۽ برطانيا ۾ هلي رهيا آهن. هن ۾ تربيتي اسپتالون، نرسنگ اسڪول، هڪ ميڊيڪل ڪاليج، انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ، هڪ امتحاني بورڊ ۽ مسلم تهذيبن بابت تعليم جون سهولتون موجود آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. آغا خان يونيورسٽي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع