آغا خان اوارڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

29 فيبروري 1976ع تي پرنس ڪريم آغا خان، ’آغا خان اوارڊ‘ جاري ڪيو، جيڪو فنِ تعمير متعلق آھي. سندس مقصد آھي تہ دنيا جون عظيم يادگار عمارتون، جيڪي زبون ٿي رھيون آھن، تن جي حفاظت ڪئي وڃي، ۽ ان سان گڏوگڏ نين عمارتن جا شاندار نمونا به ٺاھيا وڃن. انھيءَ مقصد جي حوصلي افزائيءَ لاءِ ’آغا خان اوارڊ‘ شروع ڪيو ويو. ھن اوارڊ جي رقم پنج لک آمريڪي ڊالر آھي ۽ اھو انعام ھر ٽئين سال ڏنو ويندو آھي. پھريون اوارڊ آگري جي مغل شيرٽن ھوٽل کي ڏنو ويو ھو. 1986ع جو اوارڊ صادق آباد جي ”ڀونگ مسجد“ کي مليو، جيڪا اسلامي فن تعمير جو ھڪ شاھڪار آھي. 1989ع جو اوارڊ لبنان، مراڪش، بنگلاديش، انڊونيشيا، ترڪي، سعودي عرب، تيونس ۽ فرانس جي ڪجهه قديم ۽ جديد عمارتن کي مليو. ھيستائين جن عمارتن کي ’آغا خان اوارڊ‘ ملي چڪو آھي، انھن ۾ ڍاڪا جي قومي اسيمبليءَ جي عمارت، تيونس جو ھڪ پرائمري اسڪول ۽ پئرس جو عربي ادارو شامل آھن.[1]

حوالا[سنواريو]