آصف مٺياڻوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آصف مٺياڻوي 23 مارچ 1959ع ۾ مٺياڻيءَ ۾ ڄائو. تعليم ايم ايس سي (ايگريڪلچر) تائين حاصل ڪيائين. هو زرعي ترقياتي بئنڪ جي مختلف شاخن ۾سينيئر آفيسر رهيو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو مرڪزي خزانچي به رهيو. سندس شاعريءَ جو ٻارن لاءِ مجموعو ”ٻول اسان جي ٻارن جا“ 1994ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو شعري مجموعو زندگيءَ ۾ ترتيب ڏنائين پر اوچتو 5 نومبر 2009ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪيائين.[1]