آسماني گولو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويارڪ شھر جي ميٽروپوليٽن آرٽ ميوزيم ۾ رکيل 1579 ۾ ويانا ۾ ٺاھيل آسماني گولو گھڙيالي سرشتي سميت جنهن جي ماپ 27.3 × 20.3 × 19.1 سينٽي ميٽر ۽ قطر 14 سينٽي ميٽر آھي ان گولي تي پتل، رڪ ۽ چاندي چڙھايل آھي
ايمسٽرڊيم جي ميٽروپوليٽن آرٽ ميوزيم ۾ رکيل 1621 جو جنھن جو قطر 34 سينٽي ميٽر آھي آسماني گولو جنهن جي ماپ 52.1 × 47.3 سينٽي ميٽر آھي.


آسماني گولو :(انگريزي: Celestial Globe ) آسمان ۾ ستارن جي بيھڪ کي ظاھر ڪندو آهي. انھن بيھڪن سان گولي جي سطح تي ستارن جون جھرمٽون پڻ واضع ٿي پونديون آهن. ان ۾ سج ، چنڊ ۽ نظام شمسي جا سيارا ڏيکاريل ناھن ھوندا ڇوته انھن جي بيھڪ ستارن جي نسبت ۾ تبديل ٿيندڙ ھونديون آھن. تنھن ھوندي به سج جي حرڪت ۾ انھن جي گرھڻن کي ڏيکاريو ويندو آهي. قديم يونان ۾ پڻ اھڙا ڪجهه گولا ٺاھيا ويا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ اھڙو پھريون گولو سڀ کان اول ٿيلس آف مليٽس (Thales of Miletus) ڇھين صدي قبل مسيح ۾ ٺاھيو ھيو. محفوظ ٿيل گولن ۾ ھن وقت سڀ کان قديم نيپلز جي نيشنل آرڪيالاجيڪل ميوزيم ۾ رکيل آھي جيڪو ٽين صدي قبل مسيح جي دؤر سان تعلق رکندڙ آهي جنھن ۾ ستارن جون جھرمٽون ڏيکاريون ويون آھن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. [1] (انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا)