آسرِي لئو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسري لئو لئيءَ جي قسم مان هڪ وڏو وڻ آهي، جيڪو لسو ۽ بنا ڪنڊن جي ٿيندو آهي. هن ۾ پن نہ ٿيندا آهن، پر اُن ۾ پنن جي جاءِ تي سنهيون تاندوري نما تيلين وانگر ٽاريون ٿين ٿيون، جن کي ”لاسڙيون“ چوندا آهن. آسري جي جهونن وڻن جي ٿڙن مان دهل ۽ پڪوازون سٺيون ٺھنديون آهن، گڏوگڏ نار جو پاڙڇ ۽ نيسر بہ ٺاهيندا آهن، هن جي ٻج مان رنگ ٺاهي کليون رنگيون وينديون آهن، هن جي ٿڙ مان کٽ جا پاوا سيرون ۽ ٻانھيون ٺھنديون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]