آسا (سُر)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا سڀ سُر پنهنجي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا، انهن سرن مان سر آسا عارفانه فڪر جي اعليٰ معيار وارو سر آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ وحدت ۽ ڪثرت جي ويچار جو اعليٰ پيماني تي اپٽار ڪئي آهي. هن سر ۾ انسان جي سرڪش نفس کي قابو ڪرڻ جو تاڪيد به ڪيل آهي ته اعليٰ اخلاق جو سبق به ڄاڻايل آهي. هن سر ۾ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڏس ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر آسا جي معنويت ۽ حقيقت بابت لکي ٿو ته: ”سر آسا هڪ وڏو معنوي سر آهي، جنهن ۾ مجاز ۽ حق بابت ڳُوڙها معنوي اشارا ڏنل آهن. سر ۾ ڪنهن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن رمزن وارو فڪر سمايل آهي، جنهن ۾ مجازي حقيقت جي مثالن، صوفياڻي فڪر جي اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اهڃاڻ ڏنل آهن. ”جڏهن ته هن سر بابت غلام محمد شهواڻي لکي ٿو ته: ”شاهه صاحب هن سر ۾ حرص ۽ حَوس کان پناهه گھري ٿو ۽ نفس کي ڏانوڻ ڏئي قابو رکڻ جي رمز ٻڌائي آهي“. خداوند ڪريم انسان جي آزمائش ۽ امتحان وٺڻ لاءِ هن کي حرص ۽ حَوس جي مڪان ۾ موڪلي ارشاد فرمايو ته نفس جي چنبي ۾ نه اچجان، بلڪه سڌي راهه وٺجان ۽ پنهنجو پاند نفساني خواهشن ۾ نه ڦاسائجان[1]:
مـون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻـار ۾،
اڀـا ائيـن چـون، مـڇــڻ، پـانـد پسائين.
لطيف سائينءَ جي هن سر ۾ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، خودي مارڻ، عبد جو محبوب سان تعلق، پرينءَ جي سونهن جي ساراهه وغيره اهم موضوع آهن. شاهه سائين پرينءَ جي حسن جي ساراهه ڪندي، اکين جي استعمال کي جنهن اعليٰ نموني سان هن سر ۾ بيان ڪيو آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻئي شاعر وٽ تمام گھٽ نظر ايندو:
اڀري ئي سج، پرين جي نه پسنديون،
ڪڍي ٻئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.
شاهه سائين سر آسا ۾ عشق جي لامحدود وسعتن کي وائکو ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه سمجھائي آهي ته عشق آهي ئي وسعت جو نالو، جنهن سان لاڳاپجي ماڻهو محدود نه ٿو رهي. هو سمجھائي ٿو ته عشق انتها جو نالو آهي، جتي انسان وٽ ڪابه حد بندي نه ٿي رهي، نه وري پنهنجي وجود جو احساس رهي ٿو. صوفين جو سمورو فڪر به ان ڳالهه جو قائل آهي ته خوديءَ کي ختم ڪرڻ بعد ئي ماڻهو ”انسان“ بڻجي ٿو. سر آسا ۾ جدوجهد ۽ جستجو جو به وڏو پيغام آهي:
لوچان ٿي لاحد ۾ هادي لهان نه حد،
سپريان جي سونهن جو، نه ڪو قد نه مد،
هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪا.