آر سي سي (اڏاوت)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنڪريٽ وجھڻ کان اڳ اسٽيل يا لوھ جي سيخن جو پڃري وانگر ڄار وڇايل


آر سي سي، جابلو ريتي (Fine Aggregate)، بجري يا روڙي يا پٿرن جي ننڍن ٽڪرن Course Aggregate) ۽ سيمينٽ (Cement) جي آميزش کي پاڻيءَ سان ملائي، سخت ڪري جيڪو مرڪب ٺاھجي انھيءَ کي سيمينٽ ڪانڪريٽ چئجي ٿو ۽ جيڪڏھن انھيءَ مرڪب ۾ لوھ جي سيخن (Reinforcement) جو استعمال ڪيو وڃي تہ انھيءَ کي آر-سي-سي يعني رينفورسڊ سيمينٽ ڪانڪريٽ چئجي ٿو.

مٿي ڄاڻايل مرڪب ۾ سيمينٽ، جابلو ريتيءَ ۽ پٿر جي سنھن ٽڪرن کي پاڻيءَ سان ملائي، پاڻ ۾ جوڙڻ جو ڪم ڪري ٿو. ھن قسم جي ڪانڪريٽ ۾ چند خاصيتون ھي آھن تھ : سٺي مشابھت رکي ٿو، گھربل شڪل ۾ آسانيءَ سان آڻي سگھجي ٿو، ھن ۾ ٽٽڻ جي سگھھ (Crushing Strength) تمام گھڻي ٿئي ٿي، يعني آسانيءَ سان ٽٽي نٿو سگھي، نھايت ئي پائيدار رھي ٿو، باھھ جي اثر سان مقابلي ڪرڻ جي قوت رکي ٿو، پؤرو (Pervious) نھ ٿو ٿئي ۽ پنھنجي زندگيءَ دوران گھٽ مرمت طلب ڪري ٿو.

2-5 ملاوٽ جا طريقا (Methods of Mixing)  : عام رواجي ننڍن ڪمن لاءِ ھٿ سان ملائڻ جو طريقو (Hand Mixing) استعمال ڪيو ويندو آھي. باقي وڏن ڪمن لاءِ جتي ڪانڪريٽ جي تمام گھڻي انداز جي ضرورت پوي ٿي اتي مشين رستي ملائڻ جو طريقو (Machine Mixing) استعمال ڪيو وڃي ٿو.

(i) ھٿ رستي ملائڻ جو طريقو (Hand Mixing)  : ھن طريقي موجب گھربل انداز ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ کي سڪل حالت ۾ چڱيءَ طرح ملائجي تھ جيئن ٻنھي جو رنگ گڏجي ھڪ ڪرو ٿي وڃي. پوءِ ڪنھن اڻ ٽمندڙ (Imprevious) ٿلھي يعني پلئٽفارم تي پٿر جي ٽڪرن (جيڪي گھربل سائيز جا ھجن) يا روڙيءَ کي گھربل انداز ۾ ڍڳ ڪجي ۽ انھيءَ ڍير مٿان ريتي ۽ سيمينٽ واري آميزش کي ھڪ ڪرو پٿارجي. انھيءَ بعد آھستي ۽ روانيءَ سان گھربل انداز ۾ (اٽڪل ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ پويان 5 يا 6 گيلن) پاڻي ملائي بيلچي سان گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڪلٽيون کارائي چڱيءَ طرح سان ملائجي تھ جيئن سمورو مادو ھڪ رنگ جو ۽ استعمال جوڳو ٿي وڃي تھ پوءِ استعمال ڪجي. ھٿ سان ملاوٽ واري طريقي ۾ سيمينٽ گھربل انداز کان 10 سيڪڙو وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي.

(ii) مشين رستي ملائڻ جو طريقو : (Machine Mixing) ھيءُ طريقو نھايت ئي آسان، گھٽ وقت وٺندڙ ۽ فائديمند آھي. ھن ۾ گھربل سامان جھڙوڪ؛ سيمينٽ، ريتي ۽ روڙيءَ جو گھٽ زيان ٿئي ٿو ۽ مزدوريءَ جي پڻ بچت ٿئي ٿي.

مڪسر مختلف ماپن جا ٿين ٿا ۽ ھڪ عام مڪعب وال (One Cubic Yard) جي ڊرم واري مڪسر لاءِ، مال جي ملائڻ واسطي گھٽ ۾ گھٽ ٻن منٽن جو ٽائم درڪار آھي. وڌيڪ سائيز جي حالت ۾ ھر مزيد ھڪ مڪعب وال لاءِ، وڌيڪ 15 سيڪنڊ درڪار آھن. تجربن رستي معلوم ٿئي ٿو تھ ٻن منٽن اندر ملايل ڪانڪريٽ 15 سيڪنڊن اندر ملايل ڪانڪريٽ جي نسبت ۾ 20 کان 35 سيڪڙو مضبوط ٿئي ٿو.

طور جيڪڏھن 1:2:4 جي نسبت سان سيمينٽ ڪانڪريٽ ٺاھڻو آھي تھ پھرين گھربل سائيز جي پٿر جي ٽڪرن جون چار پتيون يا چار حصا، پوءِ جابلو ريتيءَ جا ٻھ حصا ۽ پوءِ ھڪ حصو سيمينٽ، مڪسر جي ڊرم ۾ وجھجي. انھيءَ بعد ٿورو مڪسر کي ھلائجي جيئن اھي ٽيئي شيون شڪل حالت ۾ پاڻ ۾ ملي وڃن. انھيءَ کان پوءِ آھستي ۽ روانيءَ سان 5 کان 6 گئلن پاڻي ھلندڙ مڪسر ۾ ملائجي جيستائين گھربل انداز ۾ پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب (Water Cement Ratio) ملي. انھيءَ بعد اھو ٺھيل مرڪب ھڪ پڪي ۽ اڻ ٽمندڙ پلئٽفارم تي لاھي استعمال ڪبو رھجي ۽ اھڙي رفتار سان مختلف گھربل کيپون (Batches) تيار ڪري استعمال ڪبيون رھجن. ھڪ ڪانڪريٽ مڪسر ڪلاڪ اندر 15 کان 20 ملاوٽون تيار ڪري ٿو. ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ جي نسبت سان 11/4 ڪعب فوٽن جون پيتيون تيار ڪرائي ريتي ۽ بجريءَ جي ماپ لاءِ استعمال ڪجن تھ بھتر آھي. سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ھر ھڪ کيپ جي جھڪاءُ پرک (Slump Test) ڪرڻ ضروري آھي جيئن گھربل گھاٽاڻ جي ملاوٽ حاصل ڪري سگھجي. عام طرح سان عمارتن لاءِ 3 انچن کان 4 انچن جي جھڪاءُ ۽ فرشن ۽ رستن لاءِ 11/2 انچ کان 2 انچن جي جھڪا$ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. مختلف قسمن جي ڪمن جو جھڪاءُ ۽ جھڪاءُ پرک جو بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

3-5 جھڪاءُ پرک  : (Slump Test)

ھن قسم جي ٽيسٽ لاءِ مخروط (Cone) شڪل جي فولاد (Steel) جو ڪالب جيڪو مٿان 4 انچ قطر (Diameter) جو، ھيٺان 8 انچ قطر جو، 12 انچ ڊگھو ۽ ٻن فوٽن جي ڌاتوءَ جي چرندڙ 5/8 انچ قطر جي سيخ لڳل ڪالب استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي پرک ھلندڙ ڪم واري جاءِ تي آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿي. ھن قسم جي ٽيسٽ ۾ سڀ کان پھرين چڱيءَ طرح جانچي ڏسجي تھ مخروط شڪل وارو ڪالب بالڪل صاف آھي ۽ انھيءَ اندر ڪنھن بھ قسم جو سيمينٽ جو تھھ ڄميل نھ آھي. انھيءَ کان پوءِ انھيءَ ڪالب کي ھڪ لسيءَ (Smooth) ۽ اڻ ٽمندڙ سطح جھڙوڪ لوھھ جي پليٽ تي رکي انھيءَ کي قابو جھلي بيھجي. بعد ۾ تازي ٺھيل ڪانڪريٽ مڪس کي ڪالب جي ¼ حصي تائين وجھي گوليءَ جي پڇڙي واريءَ شيخ کي 25 ڦيرا ڏيئي ڌڪ ھڻي ۽ دٻائي (To Tamp) رکجي. اھڙيءَ طرح مختلف تھن جي صورت ۾ (يعني ٽوٽل چار تھھ) ھر ھڪ تھھ کي 25 ڦيرا ڏيئي آخري تھھ کي دٻائڻ بعد ڪالب کي ھڪدم مٿي کڻي وٺجي. انھيءَ ڪالب جو مٿيون حصو ۽ ترو کليل ھوندا آھن. ڪالب ڪڍي وٺڻ بعد ڊولائتي (Moulded) سيمينٽ ڪانڪريٽ کي ڍرو ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ انھيءَ جي اوچائي ڍري ٿيڻ بعد ماپي وڃي. اصلوڪي اوچائي ۽ ڍري ٿيڻ بعد واري اوچائيءَ واري تفاوت کي جھڪاءُ يعني Slump چئجي ٿو.

4-5 پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب

(Water Cement Ratio)

سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملاوٽ لاءِ گھربل گھاٽاڻ (Consistency) ۽ چلت (Work ability) لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مقدار ۾ گھربل پاڻي ۽ گھربل انداز ۾ سيمينٽ جي تناسب کي ”واٽر سيمينٽ رئشو“ چئجي ٿو. عام ڪانڪريٽ جي ملاوٽ لاءِ پاڻي جو مقدار ريتي ۽ بجريءَ جو 5 سيڪڙو (تور جي حساب سان) ۽ انھيءَ کان علاوھ گھربل سيمينٽ جو 30 سيڪڙو ھئڻ گھرجي. ولوڙيل ڪانڪريٽ (Vibrated Concrete) لاءِ پاڻيءَ جو مقدار 20 سيڪڙي تائين گھٽ ھئڻ گھرجي.-[1]

7-5 لوھھ يا سريئي جو ٻڌڻ : (Binding of Steel) لوھ ھميشھ ڄاڻايل ڊزائن مطابق ٻڌڻ گھرجي. اھو زنگ يعني ڪٽ کان پاڪ ۽ بالڪل صاف ھئڻ گھرجي. لوھھ جي سيخن کي سڀ کان پھريائين مقرر ڪيل ڊيگھھ مطابق ڪاٽي ۽ موڙي ھيٺ ئي تيار ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان پوءِ شٽرنگ جي مٿان ڄاڻايل ڊزائن مطابق نشان لڳائي تيار ڪري مضبوطيءَ سان 16 نمبر (16 SWG) جي تار سان بلڪل سوگھو ٻڌو ويندو آھي جيئن ڪا بھ سيخ لڏي نھ سگھي. لوھھ جي سيخن جي ھيٺان ۽ ھر طرف ڊزائن مطابق ڪانڪريٽ جو تھھ (Cover) ڏنو ويندو آھي، جيئن لوھھ ھر طرف کان ڍڪجي وڃي يعني لوھھ جي سيخن کي ٻڌڻ بعد شٽرنگ کان مٿي رکڻ لاءِ ڊزائن مطابق تھھ ڏيڻ واسطي مقرر ڪيل سائيز جا سيمينٽ ڪانڪريٽ جا گٽڪا ڏيڻ گھرجن. اگر لوھھ جي سيخن کي شٽرنگ کان ڪافي مٿي رکڻو آھي تھ مقرر ڪيل سائيز مطابق لوھھ جون گھوڙيون ٺاھي ڏنيون وڃن. لوھھ جي آخري ڇيڙي تي صحيح گرفت لاءِ ڪنڊا (Hooks) ٺاھيا ويندا آھن. جيڪڏھن ٻن سيخن کي ٻڌي ڊيگھھ مطابق لڳائڻو آھي تھ ٻنھي سيخن جي ڪجھھ حصي تائين ڊيگھھ جي صورت ۾ چڙھاڪو (Overlap) ڏيئي ھڪ ٻئي سان تار رستي مضبوطيءَ سان ٻڌو ويندو آھي. اھو چڙھاڪو لوھھ جي سيخ جي قطر کان 50 دفعن کان گھٽ نھ ھجڻ گھرجي ڇتين (Slabs) ۽ ڪامن (Beams) ۾ بار جي سبب کان ڪتر (Shear) ۽ منفي جھڪاءُ (Negative bending moment) کي روڪڻ لاءِ تقريبن ڊيگھھ جي ¼ حصي کان 45 ڊگرين جي ڪنڊ تي لوھھ جي سيخن کي موڙي ديوارون يا ڪالمن جي مٿان کڻي اچبو آھي.

8- : (Pouring of Concrete) ڪانڪريٽ جي ڀرائيءَ کان پھرين چڱيءَ طرح جانچي ڏسجي تھ لوھھ چڱيءَ طرح مضبوطيءَ سان ۽ ڄاڻايل ڊزائن مطابق ٻڌل آھي. انھيءَ کان علاوھ اھو بھ ڏسڻ گھرجي تھ شٽرنگ ۾ ڪنھن بھ قسم جا سوراخ ۽ ٻيا نقص نھ آھن ۽ انھيءَ جي ھيٺان ڏنل ٿوڻيون ۽ ٿنڀا تمام مضبوطيءَ سان ٻڌل آھن ۽ شٽرنگ ڪنھن بھ ھنڌ جھڪيل نھ آھي. ڪانڪريٽ کي مٿان زور سان نھ اڇلائجي ائين ڪرڻ سان سيمينٽ ڪانڪريٽ جا جزا ھڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا. ڪالمن ۽ ديوارن جي صورت ۾ ڪوشش ڪري ڪانڪريٽ کي پوري اوچائيءَ تائين ڀرجي جيئن تعميراتي جوڙن (Construction Joints) جي ضرورت نھ پوي. ليڪن، انھيءَ ڳالھھ جو بھ خيال رکڻ گھرجي تھ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڀرائيءَ جي عمودي طرف (Vertical Direction) رفتار ھڪ ڪلاڪ اندر 3 فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي. تمام گھڻي انداز ۾ لوھھ وارن ڪانڪريٽ جي جزن جھڙوڪ سيمينٽ ڪانڪريت پٽين (Ribs) وغيرھ جي صورت ۾ بجريءَ (Course Aggregate) جي وڌ ۾ وڌ سائيز ٻن مکيھ سرين جي وچ ۾صاف فاصلي کان (5mm) 0.185" گھٽ يا لوھھ کي گھربل گھٽ ۾ گھٽ تھھ (Cover) کان (5mm) 0.185" گھٽ ھئڻ گھرجي. مٿين ٻنھي ملھن مان گھٽ ۾ گھٽ ملھھ وٺڻ گھرجي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي تھ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملاوٽ، آميزش يا مسالي جي تيار ٿيڻ ۽ انھيءَ مسالي کي پٿارڻ جي وچ م 20 منٽن کان وڌيڪ ٽائيم نھ لڳي. جيئن سيمينٽ جي شروعاتي سيٽنگ جي عمل، طريقي ۽ رفتار ۾ رخنو نھ پوي.

جنھن ھنڌ ولوڙڻ يا ڌوڻ (Vibrators) جي ضرورت ھجي تھ اھا سيمينٽ ڪانڪريٽ جي پٿارڻ تائين لڳاتار جاري رھڻ گھرجي. نھرائي (Compaction)، ڪانڪريٽ مسالي ۾ پاڻي ملائڻ جي 30 منٽن اندر پوري ڪرڻ گھرجي. تمام گھڻي ڌوڻ (over vibration) سبب بجريءَ جا جزا ڌار ٿي ويندا آھن، انھيءَ سبب اھا ٿيڻ نھ ڏجي. شٽرنگ جڏھن مقرر ميعاد بعد لاٿي وڃي تھ ڪانڪريٽ جو مٿاڇرو کڙ ٻڙ (Honey Combing)، سوراخن ۽ ٻين نقصن کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي. سيمينٽ ڪانڪريٽ کي لڳاتار پٿارڻ گھرجي پر جيڪڏھن اھا ڀرائي گھڻي آھي ۽ اھا ھڪ ڏينھن اندر مڪمل ٿي نھ ٿي سگھي تھ انھيءَ کي ڪنھن بار جھليندڙ ديوار يا بيم تي ختم ڪري انھيءَ کي 30 ڊگرين جي ڪنڊ تي سلامي ڏيئي ۽ تمام کھري (Rough) ۽ کڙٻڙ جي حالت ۾ ڇڏڻ گھرجي جيئن ايندڙ ڏينھن جو ڇڏيل ڪم آساني ۽ سلامتيءَ سان جڙي سگھي. ٻئي ڏينھن جي مٿي ذڪر ڪيل ڪم شروع ڪرڻ جي حالت ۾ اڳئين ڇڏيل سلاميءَ کي ٽڪ ھڻي، وڌيڪ کھرو ڪري، انھيءَ کي صاف ڪري پاڻي جو جھجھو ٽيھو ڏيئي بالڪل نجي سيمينٽ جو ھلڪو تھھ ڏئي پوءِ تازي تيار ٿيل ڪانڪريٽ سان وڌيڪ ڪم چالو رکجي، جيڪڏھن ڀرائي تمام گھڻي ٿلھي آھي جا ھڪ تھھ سان پوري نھ ٿي ڪري سگھجي تھ ھر ٻيو تھھ پھرئين تھھ جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ڏنو وڃي. اٽڪل 150 فوٽن کان وڌيڪ ڊيگھھ وارين اڏاوتن جي حالت ۾ واڌ وارو جوڙ (Expansion Joints) ڏيڻ تمام ضروري آھي.

نھيءَ کان علاوه ڪانڪريٽ پٿارڻ کان اڳ تھھ اندران دٻايل ۽ لڪل تارن (Concealed Wiring) جي صورت ۾ انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي تھ بجليءَ جا پائيپ (Electric Conduits) صحيح طرح لڳل آھن. بجليءَ جي پکن جا ڪنڍا (Fan hooks) پڻ ڀرائيءَ کان اڳ ۾ لڳائڻ گھرجن، جيئن بعد ۾ ڇت کي کوٽڻو نھ پوي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ٻاھرين تھن کي شٽرنگ لاھڻ بعد، جلد ئي پاڻي ڏيئي آلو ڪري صاف ۽ خالص سيمينٽ جو ھلڪو تھھ (Neru) ڏيئي بعد ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو پلستر چاڙھي لسو ڪرڻ گھرجي. 9-5 لوھھ جي سيخن جي ڊزائن
(Design of reinforcement)
لوھ جي سيخن جي ڊزائن ڪنھن قابل ماھر انجنيئر يا ڪنھن سند يافتھ اداري کان ڪرائڻ گھرجي. ڪجھھ سادن ۽ ننڍن ڪمن لاءِ ڪجھھ لنٽيلن (Lintels) ۽ ڇتين (Slabs) جي ڊزائن اندازي مطابق ھيٺ ڏجي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
نمبر شمار

S. No

ڪم جي نوعيت

Nature of Work

گھربل گھاٽاڻ

(Consistency required)

پاڻيءَ جو مقدار، ھر سيمينٽ جي ٻوريءَ تي (گيلن ۾) جھڪاءُ جي حد، انچن ۾

Slump in Inches)

1 تمام گھڻي طاقت وارو ڪانڪريٽ پري اسٽريس ڪانڪريٽ سيڪشن تمام ڳرن لوڏن ذريعي ڳتيل ۽ مضبوط ڪيل. نرم 4
2 نرم 5 1 کان 4
3 ولوريل ڪانڪريٽ جو ڪم، پائيلس پري ڪاسٽ ۾ ڪالب اندر اڳ ۾ تيار ٿيل ڪمن لاءِ. وچولي يا ٿوري سخت 6.5 1کان2
4 وچولي 5.5 1 کان 3
5 تمام ڳري ۽ وڏي انداز جي ڪانڪريٽ (Mass Concrete) جو ڪم بنيادن ۽ رستن جي فرشبندي لاءِ وچولي 5.5 11/4کان5
6 نرم 5
7 پلين جا تختا وچولي 5.5 2 کان 5
8 عام رواجي رينفورسڊ ڪانڪريٽ جھروڪ؛ بيم، ڇت (Slabs) وغيرھ

آر سي سيءَ جا بنياد (Footings) ۽ ديوارون (Walls)

ٿنڀا (Columns)

پاڻيءَ اندر سيمينٽ ڪانڪريٽ جو ڪم نرم

وچولي يا ٿوري سخت 6.5 اٽڪل9[1]