آرڊينو مائڪرو ڪنٽرولر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آرڊوينو
فائل:Genuino Logo.svg

آرڊوينو اونو ايس ايم ڊي آر3
ڊولپ ڪندڙ آرڊوينو. سي سي
ٺاھيندڙ کوڙ
نمونو ھڪ تختي وارو مائڪرو ڪنٽرولر
آپريٽنگ سسٽم ڪوبه نه
سي پي يو ايٽميل اي وي آر (بٽ-8),
آرم+ڪورٽيڪس- ايم او ( بٽ- 32),
آرم ڪورٽيڪس- ايم3 (بٽ-32),
انٽيل ڪئارڪ (x86) (بٽ-32)
يادگيري جو نظام ايس ريم (SRAM)
اسٽوريج فليش, ايپروم(EEPROM)
ويب سائيٽ www.arduino.cc

آرڊوينو مائڪرو ڪنٽرولر (انگريزي: Arduino Microcontroller )  اليڪٽرونڪس جو هڪ اهڙو هارڊويئر آهي جنهن سان عددي پرزا ٺاهيا ويندا آهن. آرڊينو جي باري ۾ ترقي يافته ملڪن جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو آهي، پر پاڪستان سميت تقريبن دنيا مختلف ترقي پذير ملڪن جي يونيورسٽين ۾ شاگرد آرڊينو تي مختلف قسمن جا پروجيڪٽ ٺاهي گريجوئيشن جي آخري سال ۾ پيش ڪندا آهن. آرڊينو جي ايجاد اٽلي ۾ 2003ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن اها ضرورت پئي ته جيڪي شاگرد اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ نہ پيا ڄاڻن تن لاءِ ڪو اهڙو PCB تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪمپيوٽر سائنس سان تعلق رکندڙ شاگرد پڻ اليڪٽرونڪس ۾ پروگرامنگ ڪري سگهن تہ جيئن نيون جديد ٽيڪنالاجي واريون ايجادون دنيا ۾ اچي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو ٽيڪنالاجي 2003ع کان پوءِ تمام گهڻي تيزي سان تبديل ٿي وئي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان اکين جي اڳيان ڏسندا رهيا سين. ان جي پراجيڪٽ جي شروعات اٽلي جي شھر آئوريئا ۾ 2005 ۾ ٿي[1][2].

روبوٽس هجن يا ڪميونيڪيشن جا پروجيڪٽس بنيادي طور تي آرڊينو تي پروگرام ڪري پروٽو ٽائيپ ٺاهي پيش ڪيا ويندا آهن بعد ۾ ان طرز جو سرڪٽ ڊائگرام ڊزائن ڪري پيداوار ڪئي ويندي آهي. آرڊينو هڪ اوپن سورس هارڊويئر آهي جيڪو ڊيجيٽل ۽ فزيڪل دنيا جي مختلف شين کي سينس ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي مرضي مطابق پروگرام ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي[3] . هن منجهه Digital  ۽ Analog  ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ (I/O) پنون ٿينديون آهن جنهن ذريعي مختلف ڊيجيٽل ۽ اينالاگ پرزن کي ڳنڍي سگهجي ٿو. آرڊينو جو تختو يا بورڊ يو ايس بي USB  پورٽ جي ذريعي ڪميپٽر سان ڳنڍيو ويندو آهي، هن منجهه C يا C++  جي بنيادي اصولن تحت پروگرام لکيو ويندو آهي. آرڊينو کي پنهنجو انٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ اينوائرنمينٽ (IDE) ٿيندو آهي جنهن ۾ پروگرامنگ ڪري هارڊويئر تي پنهنجي مرضي جو پروگرام لکيو ويندو آهي. آرڊينو جو سافٽويئر 100 کان وڌيڪ اڳ ئي لکيل اسڪرپٽس جا مثال پڻ مھيا ڪندو آهي ته جيئن نوان ايندڙ انهن جي ذريعي مدد حاصل ڪري پروگرامنگ ڪري سگهن. هي نهايت ئي سستو ۽ عام طور تي مارڪيٽ ۾ دستياب آهي، هن کي سکڻ جي لاءِ پروگرامنگ جي لاجڪ جي سٺي ڄاڻ هجڻ لازمي آهي، هن کي سکڻ جي لاءِ يو ٽيوب تي هزارن جي تعداد ۾ سکڻ واريون وڊيو ڪلپون موجود آهن ۽ مختلف فورمن تي دنيا جا ماڻهو هڪ ٻئي جي پروگرامنگ بابت مدد پڻ ڪندا آهن هونءَ ته آرڊينو جا پنهنجا ئي مختلف مائڪرو ڪنٽرولر موجود آهن پر آرڊينو يونو دنيا ۾ وڌيڪ مشهور آهي. ڪيترن ئي سالن کان وٺي استاد، شاگرد ۽ ٽيڪنالاجي سان چاهه رکندڙ پروگرامر يا ماھر، مجموعي طور تي پنهنجو حصو وٺي ڪري آرڊينو جي دنيا ۾ ترقي وٺرائي رهيا آهن، جنهن سبب هي دنيا ۾ مقبول ترين مائڪرو ڪنٽرولر آهي.

حوالا[سنواريو]