مواد ڏانھن هلو

آريجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ هڪ ذات آهي، جيڪا ’آريءَ‘ نالي هڪ شخص جي اولاد مان آهي. هن وقت آريجن جو گهڻو انگ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهي.[1]

آريــجــن جـا لاڙڪـاڻـي ۽ قمـبـر-شھـدادڪوٽ ضلعن ۾ ٽي وڏا ڳوٺ آهن؛

  1. خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي
  2. ڦيڙهي وارا آريجا، تعلقو قمبر ۽
  3. محمدي آريجا، تعلقو وارھ.

آريجن جي شھر ۾ خير محمد آريجو نالي، ھڪڙو بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو صاحبِ شريعت ھيو. سندس وقت ۾، سندس موجودگيءَ ۾ ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو دھل دماما يا موسيقي وغيرھ وڄائي. شھر ۾ رھندڙ لنگھا/ مڱڻھار، گذر سفر لاءِ ٻين شھرن ڏانھن ويندا ھيا. کين آريجا شھر ۾ دھل نه وڄائڻ سببان، پڳر به نه ملندو ھيو، جنھن تان ھڪ ڏينھن ھڪڙي، آريجوي لنگھي/ مڱڻھار، ائين چئي دل جي باھ لاٿي هئي.

”لاهي لنگا ويھه، آريجن مان آسرو.“ پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. آريجا : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 22 نومبر 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)