آرام باغ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ چؤنڪ جي ويجھو ھڪ باغ، جنھن جو نالو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ”رام باغ“ ھو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ جڏھن ڪراچيءَ جي روڊن، رستن ۽ جاين جا نالا بدلايا ويا، تڏھن ان کي ”آرام باغ“ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. 1952ع ۾ مسلم ليگي اڳواڻ سردار عبدالرب نشتر، آرام باغ مسجد جو بنياد رکيو، جتي ھر سال ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو جلوس اچي ختم ٿيندو آھي. مسجد ٺھڻ کان پوءِ ھتي دارالعلوم مظھريه (مدرسو) قائم ٿيو،جتي ھر سال ٻه سؤ شاگرد علم حاصل ڪندا ھئا. مسجد سان گڏ اوقاف کاتي جي آفيس آھي، جيڪا مسجد ۽ مدرسي جي سار سنڀال لھندي آھي. ھن مسجد کي ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سياح ايندا آھن. رمضان المبارڪ ۾ ھن مسجد ۾ مختلف تاريخن ۾ ختم قرآن شريف جون مجلسون ٿينديون آھن. ھينئر پراڻي مدرسي جي جاءِ تي مسجد جي احاطي ۾ ”دارالعلوم مدني“ قائم ڪيو ويو آھي، جتي سوين شاگرد ديني تعليم حاصل ڪندا آھن.[1]