آذربائيجان ۾ گپ ٻرندڙ جبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Mud volcano in گوبستان

آذربائيجان ۾ گپ ٻرندڙ جبل (انگريزي ٻولي: Mud volcanoes in Azerbaijan) آذربائيجان ۾ ٻين مُلڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گپ وارا ٻرندڙ جبل آهن، جيڪي پُوري مُلڪ ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل آهن. دنيا جي 800 ٻرندڙ جبلن منجهان 350 ٻرندڙ جبل جمهوريا آذربائيجان ۾ آهن.[1][2][3] مقامي ماڻهو انهن کي "يناردگ" (ٻرندڙ جبل)، "پل پائيلا" (ڇت يا ٿلهو)، "گيناچا" (ٽهڪندڙ پاڻي) ۽ "بوزداگ" (ڀورو رنگ جا جبل) وارن ٻرندڙ جبلن جي جاگرافيائي نالو سان گڏ سڏين ٿا.

سمنڊ هيٺ (سب ميرين) ٻرندڙ جبل[سنواريو]

زمين هيٺ ۽ سمنڊ هيٺ گپ وارا ٻرندڙ جبل آذربائيجان ۾ مشهور آهن. ڪيسپيئن سمنڊ ۾ 140 کان وڌيڪ زمين هيٺيان ٻرندڙ جبل آهن. باڪو ٻيٽن جو ميڙ (آرڪيڦيلاگو) منجهان اٺ ٻيٽ پيدائش کان گپ وارا ٻرندڙ جبل آهن. گپ وارن ٻرندڙ جبلن جا ٻيا قسم کوهہ آهن. مختلف زمانن جي پٿريلن تهن (strata) منجهان انهن جي سرگرمي ڏسي سگهجي ٿي. ڄاڻ موجب، 25 ملين (پنجويهه لک) سال اڳ آذربائيجان جي علائقي ۾ مٽيءَ (گپ) وارن ٻرندڙ جبلن پنهنجي سرگرمي شروع ڪئي هئي.[حوالو گھربل]

گپ وارن ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ[سنواريو]

آذربائيجان ۾ گپ ٻرندڙ جبل

سال 1810 کان هينئر تائين جمهوريہ آذربائيجان جي علائقي ۾ 50 ٻرندڙ جبلن ۾ ڦاٽڻ جا 200 ڌماڪا ٿي چُڪا آهن. گپ وارن ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان گڏ زمين هيٺ زوردار ڌماڪا ۽ گجگوڙ ٿيندي آهي. زمين جي اونهائي تَرُ منجهان گيس (گيسون) نڪرنديون ۽ تُرت ئي ڀڙڪو ڏينديون آهن. ٻرندڙ جبل منجهان نڪرندڙ شعلي جي اوچائي 1000 ميٽر (گارسو وولڪئنو) تائين پهنچندي آهي. توراگي ٻرندڙ جبل 1841 کان 1950 ع تائين 6 ڀيرا ڦاٽو.گپ وارا ٻرندڙ جبل تيل جي آئل فيلڊز سان ڳنڍيل آهن. جيڪي گپ وارا ٻرندڙ جبل تیل ۽ گيس سان شاهوڪار (لوڪبتن ، گرڙدگ ، نیفٽ دشلاري ، مشوداگ ۽ ٻين) علائقن ۾ ملندا آهن. ان کانسواءِ، گپ وارن ٻرندڙ جبلن منجهان نڪرندڙ لاوا، گپ (گارو) ۽ پٽڙي پاڻياٺ (لڪئڊ) ڪيميائي ۽ تعميراتي صنعتن ۽ دواسازي (فارماسولوجي) ۾ پڻ خام مال طور استعمال ڪيا ويندا آهن.

دلچسپ حقيقتون[سنواريو]

  • مريخ سيارو (پلانيٽ) جو اڀياس ڪندڙ ناسا جي ارضيات (جيالاجسٽ) ماهرن هي نتيجو ڪڍيو، تہ آذربائيجان جا گپ وارا ٻرندڙ جبل پنهنجي بناوٽ جي لحاظ کان مريخ سياري جي اوچي علائقن (اپ لينڊز) وانگر آهن.
  • ٻرندڙ جبلن (ولڪئنوز) جي ڦاٽڻ کي ڪيميائي ۽ اڏاوتي صنعتن سان گڏوگڏ دواسازي (فارماڪولاجي) ۾ وڻ ڪچو مال طور ڪم آڻيو ويندو آهي.
  • آتش فشاني - ٻرندڙ لاوا واري چيڪي مٽي ۽ گپ تنني سرشتو (نرويس سسٽم)، کل (چمڙي) ۽ سنڌن جي بيماري (rheumatism) سان لاڳاپيل بيمارين جي علاج ۾ استعمال ٿيندي آهي.[حوالو گھربل]
  • 5 سيپٽمبر، 2004 تي آذربائيجان جي ايراضيءَ ۾ سڀ کان وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل کي گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.[2]
  • مقامي ميڊيا جي رپورٽ موجب، عثمان بوزدگ ٻيو نمبر وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل آهي. 23 سيپٽمبر 2018 تي، ان جي ڦاٽڻ سان گپ نڪتي، جيڪا 4 ڪلوميٽر ڊگهو هئي ۽ ان جي چير(ڦوٽ، ڏار) 80 ميٽر اونهو هئي.[4][5]

گارو (گپ) جي ٻرندڙ جبلن جو بچاءٌ[سنواريو]

2007 ۾، صدر جي فرمان وسيلي رياستي قدرتي ذخيرا (اسٽيٽ نيچرل ريزروز) ٺاهيو ويو. قدرتي رزرو ۾ باڪو ۽ ابشيرون اُپٻيٽ (پيننسيولا) شامل آهي. اُتڙي غير قانوني ڪرتوت جن ۾ اڏاوتي ڪم، پليتائي (آلودگي) ۽ تباهي (ماڳن کي هاڃو رسائڻ) شامل آهن، سي منع آهن. ANAS جي مطابق مکيا ٻرندڙ جبل ڪئسپين سمنڊ جي سامونڊي ڪنارو ويجهو واقع آهن ۽ انهن جي ڊيگهه 1312.3 فٽ تائين آهي. 52 ٻرندڙ جبل رياست جي حفاظت ۾ آندا ويا.[6]

گپ ٻرندڙ جبلن جو مُنڍ (بُنياد)[سنواريو]

گپ ٻرندڙ جبل 25 ملين سال اڳ هينئر واري آذربائيجان جي علائقو تي اُڀريا هيا. گپ وارن ٻرندڙ جبلن ويجهو، تيل ۽ گئس (گيس) جا ذخيرا ملي سگهن ٿا.گپ وارن ٻرندڙ جبلن ويجهو، تيل ۽ گئس (گيس) جا ذخيرا ملي سگهن ٿا. گپ ٻرندڙ جبل جي جُزن کي ڪيميائي ۽ اڏاوتي صنعتن سان گڏوگڏ دواسازيءَ جي لاءِ پڻ ڪچو مال طور ڪم آڻي سگهجي ٿو.

ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ[سنواريو]

گذريل سالن ۾ اتي ڪيترائي ذڪر لائق ڦاٽڻ پيا آهن:

گوتردگ[سنواريو]

هي ٻرندڙ جبل راڄڌاني کان 70 ڪلوميٽر پَري آهي. ٻرندڙ جبل جي اوچائي 492 فُٽ ۽ اونهائي 20 ميٽر تائين پهچندي آهي. آخري ڦاٽڻ 1966 ۽ 1970 ۾ ٿيو هيو. ڳتيل ڇپ جي ڪُل مقدار اٽڪل 530 ملين ميٽر m^3 آهي.

بهار[سنواريو]

بهار باڪو کان 55 ڪلوميٽر پري آهي. اوچائي 147.6 فٽ تائين پهچي ٿي. آخري ڦاٽڻ 1993 ۾ ڳولهي لڌو ويو.

لوڪبتان[سنواريو]

لوڪبتان راڄڌاني کان 9.3 ميل پري آهي. 19 هين صدي کان هينئر تائين 17 ڦاٽڻ جو پتو پئجي سگهيو آهي. آخري ڦاٽڻ (ڌماڪو) 2001 ۾ ٿيو هيو. [7][8]


ائيرنتيڪن[سنواريو]

هن ٻرندڙ جبل کي آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ ڦُڙت ٻرندڙ جبلن ۾ سمجهي سگهجي ٿو. اهو ٻرندڙ جبل راڄڌاني کان 65 ڪلوميٽر جي پنڌ تي پري آهي. زمين هيٺ ڌڌڪن ۽ وڏن شعلن سميت ڪيترائي ڦاٽڻ ٿيندا آهن. ان ٻرندڙ جبل جي اوچائي 190 ميٽر تائين پهچي ٿي. پهريون ڦاٽڻ 1964 کان 1990 تائين جاري رهيو.[9] ٻرندڙ جبل ويجهو، 800ميٽر ڊيگهه جي چير (ڦاٽ) ملي سگهي ٿي. هن ٻرندڙ جبل جي ڳتيل ڇپ (بريشيا) 805 هيڪٽر تي پکڙيل آهي.

عثمان بوزدگ[سنواريو]

هي ٻرندڙ جبل سيپٽمبر 2018 ۾ ڦاٽو هيو. تازين ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 40 ميٽر اونهو چيرُ (ڦاٽ) ٺهي ويو آهي.[10]

موس[سنواريو]

موس جو آخري ڀيرو ڦاٽڻ 1970 ۾ ٿيو. شعلن جي اوچائي 1 ڪلوميٽر تائين مٿي پهچي وئي هئي. جنهنڪري مقامي زلزلا ٿيا هيا.[11]

حوالا[سنواريو]

  1. "Mud Volcanoes of Azerbaijan". Atlas Obscura. حاصل ڪيل 2020-02-10. 
  2. 2.0 2.1 "Largest mud volcano". Guinness World Records. حاصل ڪيل 2019-11-17. 
  3. CNN, Story by Maureen O'Hare, video by Jaafar Almadhoon. "The mud volcano capital of the world". CNN. حاصل ڪيل 2020-02-10. 
  4. "Vulkan püskürən ərazidə çatların dərinliyi 80 metrə çatdı – YENİLƏNİB + VİDEO". Oxu.Az (ٻولي ۾ Azerbaijani). حاصل ڪيل 2019-11-17. 
  5. Yol, Bizim. ""Vulkan püskürən ərazidə çatların dərinliyi 80 metrə çatıb" - Video". Bizim Yol. حاصل ڪيل 2019-11-17. 
  6. "Грязевые вулканы Азербайджана претендуют на "Семь чудес света"". Trend.Az (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2019-11-17. 
  7. "Azeri mud volcano flares" (en-GB ۾). 2001-10-29. http://news.bbc.co.uk/2/hi/science/nature/1626310.stm. 
  8. "ГРЯЗЕВОЙ ВУЛКАНИЗМ И ЗЕМЛЕТРЯСЕНИЯ" (PDF). 
  9. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :02
  10. "В Баку произошло извержение вулкана (ВИДЕО)". Trend.Az (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2019-11-17. 
  11. "Извержения грязевых вулканов". CollectedPapers (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2019-11-17. 

External links[سنواريو]

سانچو:Europe topic