آخوند فضل عليءَ وارو دستخط نسخو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو ھيءُ قلمي نسخو، تاريخ 17 ذوالحج 1269ھ مطابق 21 سيپٽمبر 1853ع تي آخوند فضل علي ولد محمد حافظ نصرپوريءَ لکي پورو ڪيو. ھن نسخي ۾ ”سر بسنت“ ڏنل نه آھي، باقي 35 سرن ۽ آخر ۾ ٽيهہ اکريءَ تي مشتمل ھن مڪمل نسخي ۾ 2909 بيت ۽ 220 وايون شامل آھن. ھن نسخي ۾ ”سر سھڻيءَ“ تائين ھر داستان کي جدا عنوان سان نروار ڪيو ويو آھي، جھڙوڪ: ”سر ڪلياڻ“ کي ”دويم در داستان اگھي اگھائي“؛ ”سر جمن“ کي ”پنجم در داستان قرب ڪبريا“؛ ”سرود سوھڻيءَ“ کي ”ششم در داستان ساھڙ جا سينگار“ وغيره. ”سر ڪلياڻ“ سان شروع ٿيندڙ رسالن ۾، سنہ 1269ھہ بمطابق 1853ع جو لکيل ھيءُ رسالو، ٻئي نمبر طور آڳاٽو شمار ڪيو ويندو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]