آخوند عبدالرحمان چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخوند عبدالرحمان چانڊيو، تعلقي قمبر ۾ نواب غيبي خان چانڊيي جي جاگير جو رهاڪو هو. اندازً 74-1272ھ بمطابق 57-1855ء ڌاري ڄائو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. ڪافي گو شاعر هو. ڪافيءَ سان گڏ هنر،سينگار ۽ ٽيهه اکريءَ وغيره صنفن ۾ به شاعري ڪيائين. سندس ڪلام مشهور شاعر، شاهه محمد ديدڙ جي تتبع تي چيل آهي. هن 1346ھ بمطابق 1927ء ۾ وفات ڪئي[1].

حوالا[سنواريو]