آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه بنطابق 1855ء جنم ورتو. پنهنجي والد بزرگوار کان علم جي تحصيل ڪيائين. اسلامي علمن ۾ ماهر بڻيو ۽ عربي، فارسي تي عبور حاصل ڪيائين. سٺو خوش نويس ۽ خطاط به هو. سندس ڇڏيل تبرڪن مان هڪ ڪتابچو سندس هٿ اکرن سان لکيل مليو آهي، جنهن ۾ هن محمود نامه کي پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي. هي ننڍڙو فارسي قلمي نسخو سڄو ڪاري مس سان لکيو اٿس. جڏهن ته مشڪل فارسي لفظن جي معنيٰ به لکي اٿائين، جنهن لاءِ هن ڳاڙهي مس استعمال ڪئي آهي. ان ڪتابچي جو پهريون پنو يعني پهريون غزل زماني جي گردش سبب گم ٿيل آهي. باقي سمورا غزل صحيح سلامت آهن، آخر ۾ هيٺيان لفظ لکي اهو ڪتابچو پورو ڪيو اٿائين.

تمام شد ازدست پر تقصير مسکين عبدالرحمان
الاهي هر آنکس که آنخط نوشت گناهش کني عفو، بخشي بهشت

ان کانپوءِ هي شعر لکيو اٿائين.

مرويسنده راخد اي عليم برهانيش اي عذاب اليم

آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه بمطابق 1911ء ۾ رحلت فرمائي ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ آخوند مولانا الله بخش ڀٽيءَ مڪتب هلايو. محمود نامي جي ڪتابت ۽ معنيٰ کانسواءِ سندس ڪافي ذاتي عربي ۽ فارسي تحريرون لکت ۾ موجود هيون جي پويان سنڀالي نه سگھيا آهن. ممڪن آهي ته ڪي چند تحريرون بچيل هجن. [1]