آخوند اقبال احمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخوند اقبال احمد 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ پرڏيھي وزارت جي اعليٰ عھدي تي مقرر ٿيو. ڪينيڊا، سعودي عرب، اسپين، نيوزي لينڊ، مصر ۽ ملائيشيا ۾ سفارتخانا سنڀاليائين. ھالينڊ ۾ بيگم لياقت علي خان سفير ھئي تہ آخوند اقبال احمد ان سان گڏ ھو. 1961ع ۾ جڏھن پرنس علي خان گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو ھو، تڏھن اقبال آخوند بہ اقوام متحده ۾ ڪشمير جي مسئلي جي نمائندگي ڪري رھيو ھو. 1968ع ۾ متحده عرب جمھوريہ ۾ ۽ 1976ع ۾ يوگوسلاويہ ۾ پاڪستان جو سفير ۽ 1972ع ۾ اقوام متحده ۾ -پاڪستان- جو نمائندو مقرر ٿيو. اپريل 1976ع ۾ روڊيشيا ۾ اقوام متحده جي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. سنہ 1976ع ۾ ٻارھن وڏن بين الاقوامي سفارتڪارن ۾ آخوند صاحب جو نالو بہ شامل ھو. 1988ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم محترمہ بينظير ڀٽو جي فرمائش تي پاڪستان ۾ موٽي آيو ۽ پاڪستان ۾ قومي سلامتيءَ جو مشير مقرر ٿيو.[1]

  1. encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آخوند اقبال احمد