آخرالنهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسمان تي چمڪندڙ اربين تارن مان هڪ سؤ کن اهڙا تارا آهن، جيڪي نيويگيشن (رستو ڳولڻ) ۾ مدد ڏين ٿا، انهن تارن مان اڌ کان وڌيڪ تارن جا نالا عربي ٻولي جا آهن، يعني انهن جا نالا عربن دنيا کي ڏنا. پوءِ اهي عربي نالا يونانين، رومين ۽ جرمنن وٽان ٿيندا، جڏهن انگريزي ٻوليءَ آيا، ته اهي ڪجهه مختلف ٿي پيا ۽ هاڻ گهڻن کي اها به خبر نٿي پوي ته اهي عربي لفظن جو بگاڙ آهن. اهڙن ئي تارن ۾ هڪ تارو آخرالنهر يا آچرنار (Achernar) آهي، جيڪو آسمان ۾ اٺين نمبر تي چمڪندڙ تارو آهي. هن تاري جو اهو نالو ڏسي پهرين نظر ۾ اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪو انگريزي نالو آهي، جنهن کي اسين آچرنار ۽ جرمن ٻولي ۾ آخرنار اچاريون ٿا، جيڪو لفظ اصل ۾ عربي زبان جو آخرالنهر (نديءَ جي پڇڙي) آهي، جنهن جي اصل ۾ اسپيلنگ Akhir an-nahr هئي، جيڪا پوءِ Achernar ٿي ويئي.

Extreme rotation speed has flattened Achernar.

هي تارو آخرالنهر اسانجي سج کان ستوڻو وڏو آهي. ٿورو سوچيو ته اهو تارو ڪيڏو وڏو هوندو، جيڪو آسمان ۾ تري رهيو آهي. پر اسان کان پري هجڻ ڪري سج کان ننڍو لڳي ٿو ۽ ٿورو اهو به تصور ڪريو ته هي تارو اسان کان ڪيترو پري هوندو. سج اسان کان پري آهي ته به ان جي روشني اسان تائين 8 منٽن ۾ پهچيو وڃي. آخرالنهر تارو اسان کان 144 نوري سالَ پري آهي ۽ اسان کي اڳ ۾ ئي ڄاڻ آهي ته نوري سال (Light Year) جو فقط هڪ سيڪنڊ 300000 ڪلوميٽرن برابر آهي، ته 144 نوري سال ڪيترو وڏو مفاصلو هوندو. يعني توهان 144 سالن جا پهرين سيڪنڊ ڪڍو، ان کان پوءِ ان کي ٽن لکن سان ضرب ڏيندائو ته اهو ڪلوميٽرن ۾ فاصلو ٿيندو. ٻين لفظن ۾ هڪ عام ماڻهو اها ڳالهه هيئن سمجهي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو راڪيٽ هجي، جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي، ان ۾ چڙهي، آخرالنهر يا آچرنار تاري ڏي روانو ٿجي ته بنا ڪنهن اسٽاپ جي 144 سالن ۾ اتي پهچي سگهبو ۽ هڪ ٻي ڳالهه! جيتري باهه سج ۾ ٻري رهي آهي، جيترو روشن سج آهي ان کان 3000 دفعا وڌيڪ روشن هي آچرنار تارو آهي! هي تارو اسان وٽ آسمان ۾ ڏکڻ طرف نظر اچي ٿو، مٿي يورپ پاسي هي تارو نظر نٿو اچي. ان پاسي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ ٻين تارن جي مدد ورتي وڃي ٿي.[1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-02 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ