آتم ڀڳت
ڏيک
آتم ڀڳت (Aatam Bhaggat) ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت جو پاليل پٽ آهي. آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مئيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري پڙهيل آهي، گهڙين جو ڪاريگر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ملازم آهي. آتم ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پنهنجي پيءُ سروپ ڀڳت ۽ چاچي موهن ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو هو. هن موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي.وي. تي ڪيترا پروگرام ڪيا. موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت جي وفات کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ ۽ موهن ڀڳت جي پڳدار پُٽ شنڪر ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو آهي. سندس آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل آهي. پنهنجي وڏن کان مليل ڀٽائي جون وايون، ڪبير، ميران ۽ تلسي داس جا ڀڄن ڳائيندو رهي ٿو. ثقافت کاتي، ريڊيو ۽ ٽي.وي.ءَ جو رجسٽرڊ فنڪار آهي.[1]