آباڪس

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سڀ کان سادو ۽ پهريون ڳڻپيندڙ ،چوڪنڊي ڪاٺين جي سانچي ۾ موتين جون تارون لڳل اوزار هو، جنهن کي آباڪس چئبو هو. پهرين تار جا موتي ايڪا، ٻئي تار جا موتي ڏهاڪا، ٽيئين تار جا موتي سو ۽ اڳتي هزار ،ڏهه هزار، لک،ڏه لک ۽ ڪروڙ کي ظاهر ڪن ٿا. ايڪن جي ڏهن موتين جي هڪ طرف ٿيڻ کان پوءِ ، ڏهاڪن جو هڪ اڳتي يا ٻئي طرف ٿئي ٿو. اهو سادو ڳڻپيندڙ، چين ۾ هزارن سالن تائين استعمال ٿيندو رهيو. اباڪس ڳڻپيندڙ ايترو ته پراڻو آهي جو سندس ايجاد جو وقت يا ايجاد جي جاءِ به تاريخ ۾ نٿي ملي.

”اباڪس“ يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن مطلب ”تختو،Slab“ آهي.

اباڪس، سڄي واپار کي تمام تيزي سان وڌايو، ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ڪنهن بـ قسم جو واپاري حساب ڪتاب ڪري سگهجي ٿو. يورپ ۾ 12صدي تائين اباڪس استعمال ٿيندو رهيو.سويت يونين ۾ تـ 20 صدي ۾ به استعمال ٿيندو رهيو. برقڳڻپيي جي اچڻ کان پوءِ اباڪس غائب ٿي ويو.

ايباڪس (Abacus ): ڪاٺ جو هڪ چورس فريم، جنهن جي وچ ۾ ننڍڙا گول رنگين بال، سادين لوهي تارن ذريعي پيل هوندا آهن. اهو فريم اڪثر پرائمري اسڪولن ۾ موجود هوندو آهي، جنهن جي مدد سان استاد، شاگردن کي سَولائيءَ سان حساب سيکاريندا آهن. اهو فريم چين جي پراڻي دؤر جي رياضي دان ايباڪس (Abacus) متعارف ڪرايو هو، انهيءَ جي ڪري ان جو نالو ئي ”ايباڪس“ پئجي ويو. سنڌيءَ ۾ ان کي انگ ڳڻپيندڙ به چيو ويندو آهي.[1]

حوالو:Inventions that changed the World

ڳڻپيو:Calculator برقڳڻپيو:Electronic Calculator

عڪس:Abacus.JPEG
اباڪس
  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%A8%D8%A7%DA%AA%D8%B3