آئي مند بهار (فلم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي فلم آئي مند بهار (Aaiee Mund Bahaar) دگني پروڊڪشن جي پيشڪش، هيءَ سنڌي فلم 1973ع ڌاري رليز ٿي، هن فلم جو ليکڪ اين. بخاري ۽ هدايتڪار آغا نديم ڪاوش ۽ پروڊيوسر اي. ايس مرزا هئا. هن فلم جو موسيقار غلام علي، عڪاس سعيد رضوي هو. هن فلم ۾ جن اداڪارن حصو ورتو،تن ۾: عشرت وسيم، محبوب عالم، ڪرن، احمد علي، روشن، امير حسين شاهه،شڪيل لاسي، ملڪ انوکا، اقبال قريشي، مشتاق جسڪاڻي، محمود لاسي، حسن لاسي عبيد، ممتاز، دلاور شاهه، عبيدالله ۽ بابو مصطفيٰ شامل هئا. هن فلم ۾ لاشاري صديق، نازلي ۽ گلشن آرا ۽ ٻين جا ڳايل گيت شامل هئا. هيءَ فلم ايڪشن ڊراما، رقص، نغمن ۽ با مقصد ڪهاڻي تي ٺهيل هئي.[1]

حوالا[سنواريو]