آئين ساز اسيمبلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئين ساز اسيمبليِ آئين ٺاهيندڙ مجلس عوام جي چونڊيل ميمبرن تي مشتمل هوندي آهي. جڏهن ڪو نئون ملڪ وجود ۾ ايندو آهي يا ڪنهن ملڪ ۾ آئيني بحران ٿيندو آهي ته پوءِ ان ملڪ جو عوام، پنهنجي ملڪ لاءِ آئين يا نئون آئين تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجا نمائندا چونڊيندو آهي، جن تي ٻڌل اسيمبلي ”آئين ساز اسيمبلي“ سڏبي آهي، جيڪا ملڪ جو آئين جوڙي، سڀني چونڊيل ميمبرن کان پاس ڪرائي، سڄي ملڪ ۾ نافذ ڪندي آهي. آئين ساز اسيمبلي رڳو ملڪ لاءِ آئين ٺاهي نافذ ڪندي آهي. جڏهن ته انتظاميا انهن قانونن تي عمل ڪرائيندي آهي. ڪن ملڪن ۾ آئين ساز اسيمبلي ۽ قانون ساز اسيمبلي ٻه جدا ادارا هوندا آهن. آئين ساز اسيمبلي فقط آئين تيار ڪندي آهي، جڏهن ته قانون ساز اسيمبلي مقرر مدي لاءِ چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هوندي آهي، جيڪا وقت به وقت عوام جي فائدي لاءِ قانون تيار ڪندي آهي.[1]