مرزا ترسون زادا
مرزا ترسون زادا Mirzo Tursunzoda | |
---|---|
پيدائش | مئي 02 1911ء قراتاغ، تاجڪستان، روسي سلطنت |
وفات | سيپٽمبر 24 1977ء دوشنبہ، تاجڪستان، سويت يونين |
قلمي نالو | مرزا ترسون زادا |
ڌنڌو | ليکڪ |
ٻولي | تاجڪ، فارسي |
قوميت | تاجڪستان |
مادرِ علمي | تاشقند يونيورسٽي |
صنف | شاعري، ڊراما |
مُکيه ڪم | تارا چوڌري از گنگا تاڪري ملن باغ معلق |
ايوارڊ | لينن انعام نهرو انعام |
مرزا ترسون زادا (تاجڪ زبان: Мирзо Турсунзода) (پيدائش: 2 مئي 1911ء - وفات: 24 سيپٽمبر 1977ع) تاجڪستان جو نامور شاعر ۽ ڊرامانويس آهن۔
حالات زندگي
[سنواريو]مرزا ترسون زادا تاجڪستان جي هڪ ڳوٺ قراتاغ ۾ 2 مئي 1911ء تي پيداٿيو۔ مرزا ترسون زادا مشرق ۽ خاص طور هندوستان تي لکيل نظمون ۽ سياحتن جي بدولت خاص شهرت رکندو هو۔ تاشقند جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم مڪمل ڪندي ڪندي شاعريءَ ۾ نالو ڪري چُڪو هو۔ هن غزلن کان سواءِ ڊراما، مختصر ۽ طويل نظمون ۽ داستانون بہ لکيو۔[1]۔
حاليہ سالن ۾ ترسون زادا تاجڪستان جي هيرو جي طورتي اُڀريو آهي۔ ترسون زادا جي تصوير تاجڪستان جي ڪرنسي نوٽ 1 "تاجڪ سومني" تي موجود آهي۔ انکان سواءِ "ترسون زادا" جو علائقو سندس نالي سان موسوم آهي جو تاجڪستان جي دارالحڪومت دوشنبہ کان 60 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي۔
تخليقون
[سنواريو]نظمون
[سنواريو]- تارا چوڌري
- از گنگا تاڪري ملن
- باغ معلق
اعزازات
[سنواريو]- 1960ء - لينن انعام روس
- 1967ء - ہیرو آف سوشلسٹ لیبر روس
- 1967ء - نهرو انعام ڀارت
- 1971ء لينن ڪومسومول انعام براءِ تاجڪستان روس
- 1974ء - طلائي تمغو سوويت امن ڪميٽي روس
- آڪٽوبر انقلاب انعام روس
- 2001ء -قومي هيرو تاجڪستان
ادارن سان وابستگي
[سنواريو]- رُڪن سپريم سوويت براءِ سوويت اتحاد
- رُڪن ڪميونسٽ پارٽي تاجڪستان
- رُڪن سوويت امن ڪميٽي
- چيئرمين سوويت ڪميٽي براءِ ايڪتا ايشيا و آفريڪا
- رُڪن ادارتي بورڊ براءِ تاجڪ دائرۃ المعارف
- رُڪن آل يونين ڪميٽي براءِ لينن انعام و سوويت رياستي انعام
وفات
[سنواريو]مرزا ترسون زادا 66 سال جي عمر ۾ 24 سيپٽمبر 1977ع تي دوشنبہ، تاجڪستان، سويت يونين ۾ وفات پاتي۔
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]وڪيميڊيا العام ۾ مرزا ترسون زادا سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ موج هوائي عصر، ظ انصاري / تقي حيدر، رادوگا اشاعت گھر ماسڪو،سويت يونين، 1985ء، ص 362، آئي ايس بي اين نمبر5-05-000346-6