فارسي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(فارسي کان چوريل)
فارسي

فارسي/‌پارسي هڪ هند-يورپي ٻولي آهي جيڪا ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي. فارسی کي ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل آهي. ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان ۾ تقريباً 72 ملين ماڻهن جي مادري ٻولي  آهي. يونيسڪو (UNESCO) کان به هڪ دفغو مطالبو ٿي چڪو آهي ته هو فارسي کي پنهنجي ٻولين ۾ شامل ڪري. فارسي اسلام دنيا ۽ اولهه جي دُنيا جي لاء ادب ۽ سائنس ۾ حصو وجھڻ جو هڪ ذريعو رهي آهي. پاڙيسري ٻولين مثلاً اُردو تي هن جي ڪيترائي اثر آهن. پر عربي تي هن جو اثر گھٽ رهيو آهي. ۽ پشتو ٻولي کي ته فارسي جي ٻي شڪل قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻنهي جي قاعدا به ڪافي حد تائين هڪ جهڙا آهن. برطانوي راڄ  کان پهرين، فارسي کي ننڍي کنڊ ۾ ٻي ٻولي جو درجو حاصل هيو؛ هن ڏکڻ ايشياء ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ٻولي جو امتياز حاصل ڪيو ۽ مُغل دورِ حڪومت ۾ هي سرڪاري ٻولي بڻي 1857 ۾ هن جو سرڪاري ۽ دفتري رواج ختم ڪيو ويو۔ 1843ء کان ننڍي کنڊ ۾ انگريزي صرف تجارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. فارسي ٻولي جو هن خطي ۾ تاريخي اثر هندستاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين تي لڳائي سگھجي ٿو. خصوصاً، اُردو ٻولي، فارسي ۽ ٻيون ٻوليون جيئن عربي ۽ تُرڪي جي اثر جو نتيجو آهي، جيڪا مُغل دورِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ واري ٻولي آهي.

جماعت بندي[سنواريو]

فارسي، ايراني ٻولين جي اولهه واري گروهه سان تعلق رکي ٿي جيڪا هند-يورپي ٻولين جي هڪ شاخ آهي ۽ فاعل-مفعول-فعل قسم جي آهي. عام خيال جي برعڪس هي سامي ٻولي نه آهي.

مقامي نالا[سنواريو]

  • فارسي: ايران ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي جو سرڪاري نالو.
  • تاجڪ: مرڪزي ايشياء ۾ سرڪاري نالو.
  • دري: افغانستان ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي جو سرڪاري نالو.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]