گلگت ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صوبو گلگت بلتستان ۾ ضلعو گلگت

گلگت ضلعو (Gilgit District) پاڪستان جي انتظامي علائقي گلگت بلتستان جي 14 ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ آهي. هن ضلعي جو صدر مقام گلگت شهر آهي. سال 1998ع جي مردم شماري ۾، گلگت ضلعي جي آبادي 2,43,324 هئي. ضلعي ۾ گلگت شھر (گاديء جو ھنڌ)، بگروٽ وادي، جگلوٽ، دنيور، سلطان آباد، نلتر چوٽي ۽ نومل وادي شامل آهن. ضلعي جي بلند ترين چوٽي دستاغل سر 7,885 ميٽر (25,869 فٽ) آهي، جيڪا پاڪستان ۾ ستين نمبر تي ۽ دنيا ۾ 19هين بلند ترين چوٽي آهي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]