ڇتارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇتارا (Sextet) ڇتارو ڇهن سٽن تي مبني اهڙي شعري صنف آهي، جنجن جون ٻہ ٻہ سٽون هم قافيا هونديون آهن. پھريون ”ٻہ سٽون“ هم قافيا، بند جو آخري لفظ ٽين سٽ/ ٻئي بند جو پھريون حصو ٿي ڪم ايندو آهي. اهڙي ريت ٻيون ٻہ سٽون/بند پاڻ ۾ هم قافيا هوندو آهي ۽ ٽيون حصو/ ٻہ سٽون بند/ آخري بند پاڻ ۾ هم قافيا هوندو آهي. ان بند جو آخري لفظ قافيو ۽ هن سڄي ڇتاري جو پھريون لفظ ساڳيو هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ ڇتارا مختيار ملڪ، مير محمد پيرزادي، تاج جويي، ج. ع. منگهاڻي لکيا آهن. ڇتارو اصل ۾ هندي شعري صنف ’ڪنڊلي‘ جو جديد ۽ سڌريل روپ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.