مختيار ملڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مختيار ملڪ
Mukhtiar Malik

مختيار ملڪ
پيدائش مختيار حسين ملڪ
ڊسمبر 1959 (عمر 64 سال)
خيرپور، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو مختيار ملڪ
ڌنڌو شاعر، نثر نويس، براڊ ڪاسٽر
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اي صحافت، ایم اي سنڌي ادب، ايم ايس سي آرگينڪ ڪيمسٽري، ايل ايل بي
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
موضوع تحقيق، نظم، غزل، آزاد نظم
مُکيه ڪم ٽم ٽم ٽانڊاڻا
اماس ۾ به سوجھرو
ايوارڊ گولڊ ميڊل. سچل سرمست اوارڊ

مختيار ملڪ (انگريزي: Mukhtiar Malik) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

مختيار ملڪ جو اصل نالو مختيار حسين ملڪ آهي. سندس والد جو نالو شفيع محمد ملڪ آهي. مختيار جو جنم 21 ڊسمبر 1959ع تي ضلعي خيرپور  جي شهر خيرپور ۾ ٿيو.[2]

تعليم[سنواريو]

هن پرائيمري تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ  ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ سپيرير ڪاليج خيرپور ميرس مان پاس ڪيو. ملڪ ايل ايل بي 2004ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ايم اي صحافت/ ماس ڪميونيڪيشن 1990ع ۾ پڻ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي. ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگري 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين ، ايم ايس سي آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ 1984ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين.[2][3]

خدمتون[سنواريو]

هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌ جي معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.[4] [5]هيءُ 1999ع کان 2001ع تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو آهي. هين ڪافي وقت شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اعزازي طور سنڌي ٻولي، ادب ۽ ماس ڪمينيڪيش جا سبجيڪٽ به پڙهايا. براڊ ڪاسٽر طور سندس خدمتون اڻ ڳڻيون آهن. مختيار پاڪستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنس تي پروڊيوسر، سينيئر پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ته پروگرام مئنيجر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر به رهيو آهي. هيءُ ڪنٽرولر/ پروگرام مئنيجر طور ريڊيو پاڪستان ملتان، ڊپٽي ڪنٽرولر طور ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھ، ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻو، تربت، راولپنڊي رهي چڪو آهي. ملڪ ميمبر آف بورڊ آف گورننس باڊي سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر ايڊوائزري بورڊ سچل سرمست اڪيڊمي خيرپور رهيو. مختيار ثقافت کاتي سنڌ جي انڊوومينٽ فنڊ ڪاميٽي جو 2017ع کان 2019ع تائين ميمبر پڻ رهيو.هن ڪيترين ئي ڏيهي پرڏيهي ادبي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪئي آهي. شيخ اياز ميلو ۽ 2017ع ۾ ايشيا پئسفڪ براڊ ڪاسٽنگ يونين جي چين ۾ ڪانفرس اهم آهن.[6] هن ڪيترائي ڊراما نگار، شاعر ۽ ڪلاڪار متعارف ڪرايا.[7][8]

ڪتاب[سنواريو]

  • ٽم ٽم ٽانڊاڻا (ٻارن لاءِ شاعري) 1981ع[9]
  • اماس ۾ به سوجھرو (شاعري) 2010ع
  • جوت,  1976ع

اوارڊ[سنواريو]

مختيار ملڪ کي ادبي، علمي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. پر کيس بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس اوارڊ 1999ع ۽ 2002ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ 2013ع ۽ 2014ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ 1980ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ بهرين پوزيشن تي وقت جي وزير اعلي هٿان مليل گولڊ ميڊل ذڪر لائق آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "مختيار ملڪ ادب جي ڏاڪڻ جو هڪ مضبوط ڏاڪو آهي: مقرر -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-08. 
  2. 2.0 2.1 Wassan, Muhammad Suleman. "سليمان وساڻ جو بلاگ: مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر". سليمان وساڻ جو بلاگ. حاصل ڪيل 2020-09-08. 
  3. 3.0 3.1 "Well known poet,Intellectual and Broadcaster Mukhtiar Malik". Well known poet,Intellectual and Broadcaster Mukhtiar Malik. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  4. علي, سجاد. "سنڌي شاعري: غزل.... مختيار ملڪ". سنڌي شاعري. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  5. "غزل ۔۔۔۔مختيار ملڪ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  6. "KHAIRPUR: Khairpur PBC’s transmission computerised". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  7. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: مختيار ملڪ". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-09-08. 
  8. "KHAIRPUR: Khairpur PBC’s transmission computerised". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  9. "ٽم ٽم ٽانڊاڻا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-08.