ڀڏا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀڏا (قمبر)
ديھ ڀڏا
ديھ
Deh Bhada
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ ڀڏا ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ ڀڏا ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
ڀڏا (قمبر) is located in سنڌ
ڀڏا (قمبر)
ڀڏا (قمبر)
ڀڏا (قمبر) is located in Pakistan
ڀڏا (قمبر)
ڀڏا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°33′35″N 67°58′03″E / 27.55972°N 67.96750°E / 27.55972; 67.96750مڪانيت: 27°33′35″N 67°58′03″E / 27.55972°N 67.96750°E / 27.55972; 67.96750
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 289


ديھ ڀڏا(انگريزي: Deh Bhada) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قمبر تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1882 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڀڏا، ڳوٺ اميد علي سوڍر، چڱڙي واري دنگ لڳ سيدن جي حويلي، ھڪ غيرمعروف سوڍرن جو ڳوٺ واقع ھيا. ان جي اترئين پاسي کان گل واھ ۽ فتح محمد واھ وھندڙ ھيا. ھاڻي آبادي اتان شھرن طرف منتقل ٿي چڪي آهي ۽ ڳوٺ ڦٽي ويا آهن رڳو ڳوٺ ڀڏا معروف آهي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چنڱڙو، اوڀر ۾ ديھ قمبر، ڏکڻ ۾ ديھ ڏيرا ۽ ديھ گھٽھڙ ۽ اولھ ۾ ديھ ٻير واقع آهن. ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 289 ھئي جيڪا 58 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]