پي اي سي ايڇ ايس ٽو
پي اي سي ايڇ ايس ٽو يو سي 8 پي اي سي ايڇ ايس ٽو | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي II | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°52′27″N 67°03′25″E / 24.87417°N 67.05694°Eمڪانيت: 24°52′27″N 67°03′25″E / 24.87417°N 67.05694°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
پي اي سي ايڇ ايس 2 يا پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نمبر 2(انگريزي: P.E.C.H.S.2 ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ڪراچي ميمڻ سوسائٽي، نيو ٽائون ۽ شڪارپور ڪالوني، اوڀر ۾ بھادر آباد ، اولھ ۾ پي اي سي ايڇ ايس ون ۽ ڏکڻ ۾ چنيسر ڳوٺ واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 8 جو ھيو ۽ 2013 ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙن، پنجابي ماڻھن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي وليد احمد چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي سرتاج خان خٽڪ چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق جماعت اسلامي سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ خوشحال ماڻھو رھندڙ آھن ۽ شھري منصوبابندي تحت ٺھيل آهي. جن يونين ڪاميٽي مان گذرندڙ روڊن ۾ شاھراھ فيصل، ڊاڪٽر محمود حسين روڊ، شاھراھ قائدين، طارق روڊ، علامه اقبال روڊ، شاھ عبداللطيف روڊ، ڪشمير روڊ، سرسيد روڊ، ڊاڪٽر عبدالقدير خان روڊ، خالد بن وليد ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ ڪراچي پبلڪ اسڪول (پي اي سي ايڇ ايس)، يونين ڪوآپريٽو ڪلب (پي اي سي ايڇ ايس)، ھل پارڪ، جھيل پارڪ (پي اي سي ايڇ ايس) واقع آھن.