پنھوارو (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنھوارو (قمبر)
ديھ پنھوارو
ديھ
Deh Panhwaro
پنھوارو (قمبر) is located in سنڌ
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر) is located in Pakistan
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′14″N 67°48′24″E / 27.57056°N 67.80667°E / 27.57056; 67.80667مڪانيت: 27°34′14″N 67°48′24″E / 27.57056°N 67.80667°E / 27.57056; 67.80667
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,645


ديھ پنھوارو(انگريزي: Deh Panhwaro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پنھوارو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882 کان 1934ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڦٽل ڳوٺ سومر ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ پنھوارو، ڦٽل ڳوٺ ورايو ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ سونو وڳڻ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ سان گڏ ھڪ غيرمعروف ڦٽل ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ پنھوارو ٻيھر آباد ٿيل آھي، پراڻو غيرمعروف ڳوٺ ھاڻي ڳوٺ گولا سڏجي ٿو ۽ ڳوٺ کنڊو 1 1934 کان پوء جو آباد ڪيل ڳوٺ آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نوزمان جاگير، ديھ ڦتوھل واھ ۽ ديھ کاھي مينھون، اوڀر ۾ ديھ ڀنگر آچا، اولھ ۾ ديھ باغ جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪنور ۽ ديھ پوٺو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي وچ ۾ پنھوارو شاخ وھندڙ آھي. دوست علي کان وارھ تعلقي ويندڙ ۽ قمبر کان غيبي ديرو ويندڙ روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي1,145 ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,647 ھئي جيڪا خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]