وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2018/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪارگل جنگ پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو. ھن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو. جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا. ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ ، ٻيو، هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ۽ ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن ۾ هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.