وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2018/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچي ڪنگز پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي. هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي، ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي. ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو. هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي. هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.