وسيلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وسيلو يا توسل هڪ اسلامي اصطلاح آهي جنهن جي معني آهي ته جنهن جي ذريعي ڪنهن ٻي شيء جو قرب حاصل ڪجي ان کي وسيلو چئبو آهي.ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته توحيد، اسلامي عقيدن جي جڙ ۽ بنياد آهي. ۽ جيڪو به عقيدو توحيد جي خلاف هجي اهو باطل آهي. پر ڇا توسل، توحيد جي خلاف آهي؟ ان ڳاله کي قرآني آيتن جي روشني ۾ بيان ڪيون ٿا

قرآن مجيد ء توسل[سنواريو]

سوره المائده[سنواريو]

اي ايمان وارؤ الله عزوجل کان ڊڄو ۽ ان جي طرف ”وسيلو“ تلاش ڪريو[1]. سوره المائده، آيت 35

سورت شعراء[سنواريو]

و اذا مرضت فهو يشفين

۽ جڏهن مان مريض ٿيان ٿو اهو ئي شفا ڏيڻ وارو آهي.[2] سورت شعراء، آيت 80

سورت نحل[سنواريو]

پر انهي سهڻي مالڪ ماکي ۾ شفا رکي آهي

فيه شفاء للنّاس

ماکي ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي[3].سورت نحل، آيت69

حضرت محمد جي زندگي ۾ توسل[سنواريو]

حضرتِ عثمان بن حنيف کان روايت آهي ته هڪ نابينا صحابي رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم جي بارگاھِ اقدس ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪياؤن يارسول الله (عزوجل و صلي الله عليه وسلم) اوهان منهجي صحت لاءِ بارگاھِ خداوندي ۾ دعا ڪريو، حضور عليه السلام فرمايو ”تون چڱي طرح وضوع ڪر ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهي هي دعا گُهر؛

”اي الله مان تو کان گهران ٿو، ۽ تهنجي طرف متوجه ٿيان ٿو، تنهجي نبي صلي الله عليه وسلم جي وسيلي سان جيڪو رحمت وارو نبي آهي، يا رسول الله (عزوجل و صلي الله عليه وسلم) مان توهان جي وسيلي سان رب جي حضور ان ڪري متوجه ٿيو آهيان ته جيئن منهجي هي حاجت پوري ٿي وڃي، يا الله عزوجل حضور عليه السلام جي شفاعت منهجي حق ۾ قبول فرماء“

جڏهن ان نابينا صحابي سڳوري اها دعا گهري (جنهن ۾ ”يا رسول الله“ جي صدا به موجود آهي) ته ان جون اکيون روشن ٿي ويون ۽ خدا جو قسم هو اسان وٽ ائين آيو ڄڻ ڪڏهن هو نابينا ئي نه هيو[4].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://quran.com/5
  2. http://quran.com/26
  3. http://quran.com/16
  4. (حاڪم، ترمذي، نسائي، ابنِ ماجه، بيهقي، طبراني، ابنِ خزيمه)