ننڌيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ننڌيرو
Deh Nindhero

ديھ ننڌيرو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا اڏيرولال وليج ٿاڻو
تپو اڏيرولال
سروي نمبر 1 کان 126
مشهور ڳوٺ دريا خان ڏاھري
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1962ع
لاڳاپيل ديهون ديھ ٺوڙھا، ديھ کورکاڻي، ديھ اڏيرولال، ديھ مري، ٽنڊي آدم تعلقي جي ديھ ٻيلاڙو


[1] ___ديھ ننديرو جي سيٽلائيٽ تصوير

ديھ ننڌيرو يا ديھ ننديرو (انگريزي ٻولي: Nindero) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي اڏيرولال جي ھڪ ديھ جو نالو آھي، جنھن ۾ سروي نمبر 101 ۽ 102 جي وچ ۾ ڳوٺ دريا خان ڏاهري واقع آھن.[2]

ھيء ديھ زرعي زمينن تي مشتمل آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ ٺوڙھا، ديھ کورکاڻي ، ديھ مري ،ديھ اڏيرولال ۽ سانگھڙ ضلعي جي ٽنڊوآدم تعلقي جي ديھ ٻيلاڙو سان ملن ٿيون. انتظامي طور تي ھي ديھ اڏيرولال وليج ٿاڻي جي حدن اندر آھي.

ھن ديھ جو قيام 1962 ۾ ٿيو ۽ 1981 تائين ھن ديھ ۾ 1 کان وٺي 126 روينيو سروي نمبر ھيا.[1] ھن ديھ مان سئي گئس جي پائيپ لائين ديھ ٻيلاڙو مان سروي نمبر 5 ۾ داخل ٿي سروي نمبر 112 مان گذري ديھ کورکاڻي ۾ داخل ٿئي ٿي. ديھ ٻيلاڙو وارو دنگ تي لاڳيتو علي بحر واھ وھي ٿو. اڏيرولال ۽ ٽنڊوآدم لنڪ روڊ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)